ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) صحافت ۽ سياست سان لاڳاپيل، اڳوڻن وزيرن ۽ پارليامينٽ جي اڳوڻن سربراهن پاڪستان ۾ آزاد، خودمختيار ۽ پائيدار عوامي جمهوريت جي قيام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ مداخلت جي خاتمي لاءِ ملڪ جي جاسوس اداري آءِ ايس آءِ ۾ موجود سياسي سيل جي خاتمي، حڪومتن ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ، اسٽبلشمينٽ طرفان سياستدانن کي هڪٻئي جي خلاف استعمال ڪرڻ، کين بليڪ ميل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ حقيقي آزادانه چونڊن جي قيام لاءِ سينيٽ ۾ سياسي پارٽين جي هڪ قومي ڪانفرنس ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. اها ڳالهه پاڪستان آرٽ ڪائونسل جي هڪ هال ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ( پي ايف يو جي ) جي اڳواڻ، صحافي مظهر عباس جي ڪالمن ۽ مضمونن تي ڇپيل ڪتاب “ سليڪٽرز ٽو سليڪٽيڊ تائين ” جي هڪ مهورتي تقريب ۾ ڳالهائيندي چئي وئي.ان موقعي تي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رضا رباني تقرير ڪندي چيو ته 1947 بعد جناح جي پاڪستان جي جاءِ تي ملڪ کي گيريزن رياست ۾ تبديل ڪيو ويو، آءِ ايس آءِ جي سياست مان مداخلت جي خاتمي ۽ آزاداڻين چونڊن لاءِ مختلف سياسي جماعتن جي هڪ گڏيل ڪانفرنس منعقد ٿيڻ گهرجي ۽ هاڻي وقت تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ سينيٽ هڪ بهتر ميدان آهي، جتي اسان فوج ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه کان سواءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به گهرائي چڪا آهيون. هن چيو ته پاڪستان مٿان ايسٽ انڊيا برطانيه سامراج جي حڪومت جي فوجي ۽ نوڪرشاهي جي ذهنيت جو قبضو ٿيڻ بعد فوجي ۽ سول بيوروڪريسي ملڪ کي سيڪيورٽي رياست ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪجهه سياسي جماعتن، مذهبي اڳواڻن ،جماعتن ، عدالت ۽ ميڊيا جي ڪجهه حصي کي ڀائيوار بنائي انهن جي مدد حاصل ڪئي آهي، جنهن مان نجات لاءِ سول سوسائٽي، دانشورن، صحافين سياسي جماعتن کي هڪ قومي بحث لاءِ راضي ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد کان آيل ناليواري صحافي سهيل وڙائچ چيوته ن ليگ جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبيرجي والد ميجر جنرل غلام اڪبر پاڪستان ۾ سياست کي خراب ڪرڻ، ملڪ کي ٽوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هو جنرل يحييٰ جو انهن معاملن ۾ خاص صلاحڪار هو،ان لاءِ محمد زبيرکي جمهوري سياست ۾ حصو وٺڻ کان اول پنهنجي والد جي فوجي ڏوهن کي به نندڻو پوندو، جماعت اسلامي جنرل ضياءَ جي خاص ڀائيوار هئي، ايم ڪيو ايم جي موجوده اڳواڻن کي اهو ٻڌائڻو پوندو ته هنن الطاف حسين جي چوڻ تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڇو ڪئي ۽ هو ان تي شرمسار ٿيا آهن يا نه، 2018 ۾ عمران خان ۽ هاڻي نواز ليگ اسٽبلشمينٽ جي سهاري سياست ڪري رهي آهي پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجن ٻن اڳواڻن جي شهادت جي قرباني ڏيڻ بعد هاڻي بلاول ڀٽو زرداري، فوج جي ٻيو ۽ ٽيون نمبر قيادت جي اڳيان جهڪي سياست ڪري رهيو آهي، نئين نسل کي انهن حقيقتن تي مظهر عباس جو لکيل ڪتاب پڙهڻ گهرجي ۽ مظهر عباس کي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۽ ايم ڪيو ايم جي وهاست تي به ڪتاب لکڻ گهرجي،ٽي وي اينڪر ۽ ليکڪ وسعت الله چيو ته 1970 جي چونڊن بعد عسڪري قيادت، اسٽبلشمينٽ اهو سبق حاصل ڪيو ته هاڻي ملڪ ۾ هاڻي ڪنهن کي کٽرائڻو آهي ان جو فيصلو چونڊن جي دٻي ۾ پوندڙ ووٽن جي اهميت سان نه پر پولنگ ختم ٿيڻ بعد رات جو دير سان ايندڙ نتيجن وسيلي اهم آهي.هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ ڇڇوري رياست پهريون دفعو ڏسي رهيا آهيون، اسان انهن کي چئون ٿا ته هاڻي گهنڊ لاهي سڌا سامهون اچو،ملڪ ۾ سياسي آزاد جمهوري حڪومت جي رستا روڪ لاءِ سياستدانن کي ڪڏهن صادق امين، ڪڏهن گريجوئيٽ، پهريون احتساب، بعد ۾ چونڊن ۾ بيهڻ، 58 بي ٽو، نيب جو لڪڻ، چونڊ نشان نه ڏيڻ بعد هاڻي بحريه عرب ۾ ويٺل شارڪ مڇين جي چڪ وسيلي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند ٿي رهي آهي. ڪتاب جي ليکڪ ۽ صحافي مظهر عباس چيو ته هر ماڻهو ڳالهه اهو سمجهي ويٺو آهي ته هن ڀيري به ملڪ ۾ چونڊون نه ٿي رهيون آهن اول ئي پنهنجي پسند جي ماڻهن جي چونڊ ٿي چڪي آهي ۽ جيستائين عوام ملڪ جي قيادت کي خود پاڻ نه چونڊيندو تيستائين ملڪ ۾ جمهوريت نه ايندي، 1986 ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ملڪ واپسي بعد عوامي دٻاءَ ڪري جرنيل ڏاڍا پريشان ٿي ويا هئا ۽ اهي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ٿيا پر 1988 ۾ به چونڊون نه ٿيون هيون ۽ ملڪ جي مالڪن پاڳاري، جتوئي ۽ ٻين کي خاموش رهڻ لاءِ چيو ويو هو ۽ حميد گل اسلامي جمهوري اتحاد ان لاءِ ٺاهيو هو، هن چيو ته ملڪ ۾ آزاد ۽ خودمختيار جمهوريت نه هئڻ ڪري آزاد صحافت وجود وٺي نه سگهي آهي، جنهن لاءِ نثار عثماني ۽ ٻين صحافين جيل ڏٺا ۽ ڦٽڪا کاڌا هئا، پروفيسر رياض شيخ چيو ته جيستائين آءِ ايس آءِ مان سياسي سيل جو خاتمو نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط نه ٿي سگهندي ۽ 8 فيبروري بعد به ملڪ ۾ جمهوري حڪومت نه ايندي، عمران خان اڊيالا جيل ۾ آهي ، پر ڪپتان کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي، هن ملڪ ۾ ڪنهن به وقت ڪو وقت بدلجي سگهجي ٿو،ملڪ جا اصل حڪمران ٻيا آهن ، جن خواجه ناظم الدين ۽ محمد خان جوڻيجو کي ان ڪري آرام سان گهر وڃڻ ڏنو جو انهن ڪابه مزاحمت نه ڪئي، جن سوال اٿاريا انهن کي ڳڙهي خدا بخش قبرستان يا جيلن ۾ موڪليو ويو،نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو ته هن وقت بلاول ڀٽو زرداري به عمران خان وانگر منفرد رستو اختيار ڪيو آهي، سليڪٽرن جو اهو رستو ورتو آهي جيڪو عمران خان ورتو هو ۽ هاڻي ملڪ ۾ جنرل ضياءُ وارو دور اڳ کان خراب حالت ۾ قائم ٿي چڪو آهي، عمران جي دشمني ۾ جمهوريت کي نقصان پهچائڻ نه گهرجي ائين ملڪ ۾ جمهوريت جو استحڪام نه ٿي سگهندو، اها عوام جي مرضي آهي ته اها عمران خان کي چونڊي ٿي يا رد ڪري ٿي.جماعت اسلامي جي اڳوڻ حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيستائين اشرافيه جا ٻار غير محفوظ نه ٿيندا تيستائين عام ماڻهو جا ٻار محفوظ نه ٿا ٿي سگهن، ملڪ جي سياسي پارٽين کي جماعت اسلامي وانگر جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پارٽي اندر چونڊون ڪرائڻ گهرجن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جي چونڊن جي بائيڪاٽ ڪرڻ سان جماعت اسلامي کي فائدو نه پهچندو ۽ اسان واحد پارٽي آهيون جن پنهنجي اڳواڻ جي اڳواڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي سياسي پارٽيون ان ڳالهه جي لابنگ ڪن ته ملڪ ۾ آزاداڻين چونڊن لاءِ قاعدا قانون مقرر ڪيا وڃن. ڪتاب جي مهورت ۾ سول سوسائٽي سميت، سياسي ڪارڪنن، دانشورن ۽ ليکڪن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان آرٽ ڪائونسل جي صدر ۽ سڌ سماءَ جي صوبائي وزير احمد محمد شاهه اسلام آباد مان وڊيو ڪال ذريعي شرڪت ڪندي چيو ته مظهر عباس جو هي ڪتاب سياسي تاريخ جو ڪتاب آهي،کيس قلم سان عشق آهي.