ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته اسلام آباد ۾ اسان جي عورتن خلاف ڪيمپ قائم ڪري کين دهشتگرد قرار ڏيڻ وارن کي ان ڏينهن کان ڊڄڻ گهرجي جڏهن بلوچستان ۾ سندن قبرن جي جاءِ به نه هوندي،ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته 28 جنوري تي بلوچستان نيشنل پارٽي جي سڏ تي ٿيندڙ جلسي ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪري، 144 ۽ چونڊون موجوده نگران حڪومت جي سمجهھ کان ٻاهر آهن.هن چيو ته بلوچ عوام کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسين بلوچستان جا وارث آهيون، هي فارمي چوزا ڪٿان آيا آهن، خبر ناهي ڪهڙي ليبارٽري مان کڻي آيا آهن، اسان جي مائرن ۽ ڀينرن جي سامهون اهڙي طرح بي عزتي ڪئي وئي۽ سرڪاري ماڻهن جي ڪئمپ لڳائي وئي.هن چيو ته مشرف جي دور ۾ منهنجي خلاف 100 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون،نگران وزير به ڀلي 100 ايف آر آرز داخل ڪري ڏسن،اسان ڊڄڻ وارا ناهيون.