دادو ويجهو قمبراڻي ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو، 2 سئوٽ مارجي ويا

دادو/ جوهي (نمائندن وٽان) دادو جي علائقي ڦلجي وليج پوليس اسٽيشن جي حد ۾ واقع ڳوٺ ڪوٽ باجوھ ۾ قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾  ٻارن جي معمولي ڳالهھ تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 سڳا سئوٽ ذوالفقار قمبراڻي ۽ علي نواز قمبراڻي قتل ٿي ويا، جهيڙي ۾ فائرنگ سبب ذوالفقار عرف ڀٽو قمبراڻي ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته سندس سئوٽ علي نواز قمبراڻي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. جهيڙي ۾ قتل ٿيندڙ ٻئي سڳا سوٽ ٻڌايا پيا وڃن، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڦلجي وليج جي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ باجوهه ڪوٽ ۾ قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين حسن قمبراڻي ۽ مصطفي قمبراڻي ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ گهريلو معاملن تي جهيڙو ٿيو هو جنهن بعد رات ڳوٺ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ حسن قمبراڻي ڌر جا 2 ماڻهو مارجي ويا آهن. پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.