عدليا خلاف پروپيگنڊا جو الزام، ايف آءِ اي پاران 47 صحافي ۽ يوٽيوبرز طلب

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سپريم ڪورٽ سميت رياستي  ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪرڻ جي الزام ۾ 47 صحافين ۽ يوٽيوبرز کي طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب ايف آءِ اي 47 صحافين ۽ يوٽيوبرز کي طلب ڪري نوٽيس جاري ڪيا آهن. جن صحافي ۽ يوٽيوبرز کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، انهن ۾ اسد طور، پارس جهانزيب، اقرار الحسن، صديق جان، مطيع الله، سيد اڪبر حسين، دانش قمر، ثاقب بشير، سجاد علي خان، سيد حيدر رضا مهدي، شاهين صهبائي، سيرل الميڊا، رضوان احمد خان، عديل راجا، رياض الحق، صابر شاڪر، سيد احسان حسن نقوي، محمد فهيم اختر، ثاقب حسين، سهيل رشيد، ناصر محمود شامل آهن. جبران ناصر، احتشام نصير سبطين رضا، شيراز افضل محمد افضال نصرين قدوائيم انيلا منير ذيشان  علي حفظ شاڪر محمود اياز احمد طارق متين، اظهر مشواڻي، عدنان امل زيدي، عمران رياض، اوريا مقبول جان، زاهد قيوم وڙائچ، عارف حميد ڀٽي، فضل جاويد ۽ ٻين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.  ايف آءِ اي صحافين ۽ يوٽيوبرز کي 30 ۽ 31 جنوري تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سينٽر ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

عدالتي فيصلي تي تنقيد ۽ پروپيگنڊا ۾ فرق ختم !

لاهور (عوامي آواز نيوز) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي اٽڪل  65 سوشل ميڊيا صارفين، يوٽيوب چينل هلائيندڙ ۽ قومي ميڊيا تي تجزيا ڪندڙن کي نوٽيس جاري ڪري 31  جنوري تي طلب ڪيو آهي، نامياري صحافي منيب فاروق جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي اها غلطي ڪئي آهي جنهن جو ڊپ هو ۽ اڳڪٿي ڪئي پئي وئي، ڇو ته عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪندڙن ۽ پروپيگنڊا ڪندڙن ۾ فرق نه ڪيو ويو آهي، مطيع الله جان، اسد علي طور، ثاقب بشير ۽ ڪجهه ٻين اهڙن سينيئر صحافين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي هميشه غير جانبدار ۽ ذميوار صحافت ڪندا رهيا آهن، هو ڪنهن به پارٽيءَ  جي ڌر نه بڻيا آهن نه ئي پروپيگنڊا جو حصو رهيا آهن، جڏهن چيف جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ٿيو هو. تڏهن هو جسٽس فائز عيسيٰ  سان گڏ بيٺل هئا. غير جانبدار صحافت جي ڪري هنن تڪليفون به برداشت ڪيون آهن.هاڻي جيڪڏهن  عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪن ٿا ته اهو سندن قانوني حق آهي. هنن ڪنهن به جج کي گارگند نه ڪئي آهي نه ئي تنقيد دوران گٿا لفظ استعمال ڪيا آهن، ان ڪري انهن کي نوٽيس ڏيڻ يا طلب ڪرڻ جو ڪو به جواز نظر نٿو اچي. ڏسڻو آهي ته ايف آءِ اي انهن تي ڪهڙو الزام مڙهي ٿي ۽ ڪيئن ثابت ڪري ٿي، اهو ته ثبوتن مان پتو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.