نيب جو خاتمو،عدالتي سڌارا،پارليامينٽ جي بالادستي، ڀارت سان دوستي:ن ليگ جو چونڊ منشور

لاهور(م ڊ) 5 سالن دوران هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ ۽ نيب جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو آهي،آرٽيڪل 62 ۽ 63  کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، ننڍن هارين کي بنا وياج قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،5سالن دوران  غربت ۾ 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي ويندي،مسلم ليگ نواز ”پاڪستان ڪو نواز دو“ جي عنوان سان پنهنجو منشور پڌرو ڪري ڇڏيو،لاهور ۾ تقريب دوران ميان نواز شريف پارٽيءَ جي منشور جي ڊجيٽل لانچنگ ڪئي، منشور موجب چئن سالن دوران مهانگائي ۾ 4 کان 6 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي ويندي، منشور ۾ چيو ويو آهي ته پگهارن ۾ مهانگائي جي حساب سان واڌ ڪئي ويندي، تڪرارن جي نبيري لاءِ پنچائت سسٽم کي متبادل نظام طور قائم ڪيو ويندو، عدليه، زراعت، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارن جو اعلان ڪيو ويو آهي،سستي ۽ وڌيڪ بجلي جي فراهمي، بلن ۾ گهٽتائي، هر صوبي ۾ ڪينسر اسپتال جو قيام، يونيورسل هيلٿ ڪوريج ۽ انشورنس،گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ علاج جون مفت سهولتون، سرحدن جي پار امن جو پيغام، معاشي ترقي، گڏيل احترام جي بنياد تي ڀارت سان لاڳاپا قائم ڪرڻ، ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ڪڍيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.