خيبرپختونخوا جا ماڻهو بيوقوف قرار،پي ٽي آءِ حڪومت ٺاهڻ ڏيڻ غلطي هئي: نوازشريف

بوري والا(م ڊ)نواز ليگ جي قائد نواز شريف چيو آهي ته مون کي نه ڪڍيو وڃي ها ته اڄ  پاڪستان ۾ ڪير به بيروزگار نه هجي ها، سمورا شهري خوشحال هجن ها، مسلم ليگ نواز اقتدار ۾ اچي ٻيهر مهانگائي جو خاتمو آڻيندي،بوري والا ۾ جلسي کي خطاب دوران نواز شريف چيو ته تبديلي ملڪ سان اهڙو حشر ڪيو جو 4 روپين واري ماني اڄ 25 روپين ۾ ملي ٿي.هن چيو ته بجليءَ جو 5 سئو روپين وارو بل اڄ 25 هزار روپين جو اچي ٿو، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي ختم ڪنداسين، بجلي ۽ گئس سستي ڪنداسين،لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نوازشريف 2013ع ۾ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت بڻجڻ ڏيڻ کي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته خيبرپختونخوا جا ماڻهو آساني سان بيوقوف بڻجي ويندا آهن، اها بيماري ڪي پي مان ئي آئي آهي، 2013ع ۾ انهن جي حڪومت بڻجڻ ئي نه ڏيڻ گهرجي ها، هن چيو ته بي اعتمادي جي ڪاميابي کانپوءِ شهبازشريف کي حڪومت ختم ڪرڻ جو چيو هو پر الٽيميٽم ڏنو ويو،اسان الٽيميٽم آڏو ڪنڌ جهڪائڻ وارا ناهيون،هن چيو ته اسان ملڪ بچائي ان جي سياسي قيمت چڪائي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.