سنڌ ۾ امن جو نالو ئي ناهي، ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن: فضل الرحمان

شڪارپور/ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: ذوالفقار مگسي+ممتاز سنڌي+عرفان کوسو) شڪارپور۾ جي يو آءِ جو پاور شو ،ھزارين ماڻھن جي شرڪت ،جي يو آءِ اميدوارن ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي،آغا تيمور خان پٺاڻ،مولانا  راشد خالد محمود سومرو،مير عابد حسين جتوئي۽رشدالله شاھ جي پوزيشن مضبوط ،جلسي کي  يو آئي سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندي چيو ته ڪرپشن جي ڪري گذريل پنجهتر سالن ۾ ملڪ جي معيشت کي تباه ڪيو ويو آهي ، سنڌ خاص ڪري شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ وارن علائقن ۾ امن جو نالو نشان ئي ڪونهي جنهن سبب عام ماڻھو جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي هن چيوته  مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو ٻن ويلن جي ماني لاءِ ماڻھو پريشان آهن،   راشد محمود سومروچيو ته سنڌ دشمن قوتن جي ضمانت ضبط ڪرائيندس باقي ڪنھن بدمعاشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو،اين اي 192 جي اميدوار ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي چيو ته اسان ھميشه شرافت جي سياست ڪئي آھي ڪرپشن ڪندڙن کي شرم به نٿو اچي پي ايس 8 جو اميدوار مير عابد حسين جتوئي اقتدار مليو ته پھرين ترجيح امن امان ھوندو،ان کان اڳ ڪنڌڪوٽ جي حافظ پمپ وٽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته يهودي آمريڪا جو ايجنٽ وٺي آڻيندو ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي ويندو. آمريڪا چين ۽ روس کان ڪمزو ٿي ويو هن چيو ته اڳ ۾ اسان جي جي يو آءِ جي ماڻهن کي ڍيڄاريو ويندو هو ان وقت اسين ڪمزور هئاسين پر هن وقت جي يو آءِ طاقت ور آهي هاڻي ڪوبه مائي جو لال اسان جي ماڻهن ۽ غريبن ڏانهن وڌندو ۽ هٿ وجهندو ته ان جو نه هٿ ۽ نه ڪنڌ سلامت رهندو، مولانا راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، بدترين بدامني آهي. هن وقت پ پ جا ڪرپٽ اميدوار ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اگر هن دفعي پ پ جي ڪرپٽ اميدوارن ڌانڌليون ڪيون ته ياد رکو اسان به چوڙيون ناهن پاتيون اهڙو اوهان جو حشر ڪنداسين جو اوهان کي ماءُ جو کير ياد ڏيارينداسين. جلسي ۾ مولانا عبدالقيوم هاليجوي،مرڪزي سالار عبدالرزاق عابد لاکو،حافظ ربنواز چاچڙ،شاهزين خان بجاراڻي،ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي،قاري شفيع محمد کوسو،مولانا شمس الدين ڀيري،مولانا خان محمد ملڪ شريڪ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.