آصف علي زرداري اڄ حب پهچندو

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) اڳوڻو صدر ۽ پ پ جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پارٽي  جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اڄ حب پهچي رهيو آهي، جتي پ پ ضلعي حب جو صدر ۽ بلوچستان بابت آصف علي زرداري جو ترجمان علي حسن زهري، سردار ثناءُ الله زهري ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ سندس استقبال ڪندا،پارٽي پاران شاندار آجيان جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،

ن ليگ جي نيب خاتمي واري اعلان جي آجيان ڪريون ٿا: مراد شاهه

دادو/ڀان سيدآباد/سيوهڻ(نمائندا) سنڌ جي اڳوڻي  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يوسي بوبڪ جي ڳوٺ ڌڻي بخش جهيجو ۾ چونڊ مهم دوران وڏيرو احمد خان جهيجو جي پاران منعقد ڪيل مانجهاندي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 فيبروري 2024 جو ڏينهن عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جو ڏينهن آهي،ن ليگ جيڪا نيب جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي آهي اها ڳالهه پ پ پ ڪوچيئرمين آصف علي زرداري 2014 ۾ ڪري چڪو آهي ان ڪري دير آيد درست آيد سنڌ ۾ نجي جيلن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان سنڌ جو وڏو وزير رهيو آهيان منهنجي دور ۾ خانگي جيلن جي موجودگي جيڪر هجي هان ته انهن خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ها شهباز شريف ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهي ان سنڌ ۾ خانگي جيلن بابت ڪا به ڳالهه نه ڪئي هئي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه جي ڪجهه غلطين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ تتر ڀتر ٿي وئي آهي هوڏانهن بوبڪ شهر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته  نواز ليگ پاران پنهنجي منشور ۾ نيب کي ختم ڪرڻ واري اعلان جي حمايت ڪيان ٿو ان موقعي سردار سڪندر راھپوٽو، سيد آصف علي شاهه، سيد محمد شاه حاجن شاهه ، امان الله شاھاڻي, مخدوم ضمير عباسي،سرادر حاڪم خان نوحاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.هوڏانهن مراد علي شاهه چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 4 فيبروري تي حيدرآباد پهچي عام جلسي کي خطاب ڪندو. جلسي جو هنڌ طئه ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي ان ڪري ان جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ڊويزنل صدر سيد علي نواز شاهه رضوي جي رهائشگاهه تي حيدرآباد مان چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن سيد طارق شاهه ڄاموٽ، علي محمد سهتو، وسيم راجپوت، ڄام خان شورو، عاجز ڌامراهه، صنم ٽالپر، جبار خان، ضلعي صدر صغير قريشي، سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ۽ اڳواڻن سان گڏجاڻي بعد گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي پارٽي کي پاڻ تباهه ڪيو آهي. اها ڳالهه پي ٽي آئي جي مقبوليت وڌي وئي آهي، آئون ان کي تسليم نٿو ڪريان  هن چيو ته نواز شريف کي جيڪو آڻيندو آهي اهو ان سان ئي جهيڙو ڪري ڇڏيندو آهي. ايم ڪيو ايم پاران پري پول ڌانڌلي ۽ الڪيشن ڪمشنر جو پ پ لاءِ ڌر هجڻ جو هنيل الزام جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي ته اها به خبر ناهي ته نئون صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو نالو ڇا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.