فضل الله پيچوهو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي عوام کي بليڪ ميل پيو ڪري: لال جروار

ٽنڊوالهيار/عثمان شاهه هڙي (نمائندا) ٽنڊوالهيار جي پي ايس 58 تي عوامي تحريڪ جي  نامزد اميدوار سائين بخش جروار جي اليڪشن مهم، ”سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو- سنڌ بچايو“ جي نعري سان پرجوش ريلي. پيادل ريلي اڪبر ھائوس لڳ ڪنڀار هوٽل، چمبڙ روڊ کان شروع ٿي جيڪا مختلف بازارن ۽ چوڪن کان ٿيندي شاهه لطيف گيٽ وٽ پهتي، جتي ريلي وڏي عوامي جلسي عام جي شڪل اختيار ڪري ورتي، ريلي کانپوءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، پي ايس 58 جي اميدوار سائين بخش جروار، ڊاڪٽر دلدار لغاري اسماعيل خاصخيلي عبدالرحمان سمون، عبدالله مڱڻهار ۽ ٻين اڳواڻن ٽنڊوالهيار شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي لال جروار چيو ته سنڌ جي زمين وفاق جي حوالي ڪرڻ بدران مقامي بي زمين هارين جو حق آهي. سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف نه ڪڇندڙ اميدوارن کان عوام پڇاڻو ڪري جنهن ڪري پيپلز پارٽي جا حڪمران عوام کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جو اڳواڻ فضل الله پيچوهو ڄام صاحب مائينر بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي عوام کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي. عوام پيپلز پارٽي جي ڌمڪين کان نه ڊڄي، ضيائي مارشل لا جيان اها مافيا به ختم ٿيڻي آهي. نگران سرڪار به پيپلز پارٽي جي نقش قدم تي هلي رهي آهي. سنڌ وڪڻي اقتدار حاصل ڪرڻ پيپلز پارٽي جو اصلي مقصد آهي. نگران سرڪار به سنڌ جا وسيلا تين وال ڪري رهي آهي. نور احمد ڪاتيار وڌندڙ لاقانونيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي  چيو ته سنڌ ۾ آئين ۽ قانون معطل آهي، وڏيرن کانپوءِ هاڻي پوليس وارا به پيا جرڳا پيا ڪرائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.