عوامي آواز جو ڊپٽي ايڊيٽر، سينيئر صحافي ذلف پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انتهائي ڏک جي خبر ته عوامي آواز ميڊيا گروپ جو ڊپٽي ايڊيٽر نيوز، سينئر صحافي، ليکڪ، تجزئي نگار ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو اڳوڻو اڳواڻ ذلف پيرزادو اڄ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
امام بخش عرف ذلف پيرزادي پنهنجي سياسي جدوجهد دوران ڪيتريون ئي ڏکيائيون ڏٺيون ۽ جيلن ۾ قيد پڻ ڪيو ويو هو.
امام بخش عرف ذلف پيرزادو عوامي آواز ميڊيا گروپ سان سلهاڙيل هو ۽ ڊپٽي ايڊيٽر نيوز طور خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، هن ڪيترائي سال صحافت کي ارپيا.
مرحوم صحافي جو مڙهه ڪراچي مان لاڙڪاڻي، ڳوٺ ٻلهڙيجي لاءِ روانو ڪيو ويو آهي جتي سندس اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.