چونڊ اميدوارن جا ووٽرن سان غير جمھوري رويا

ملڪي تاريخ ۾ ڪيئي ڀيرا عام چونڊون ٿي چڪيون آھن ۽ ڪيئي عوامي حڪومتون پڻ قائم ٿيون، پر نظام ٺيڪ ٿيڻ جي بدران ويتر بگڙجندو رھيو آھي. ڇو ته ھتي ڪڏھن به حقيقي جمھوريت رھي ئي ناھي ۽ ووٽر پنھنجو جمھوري حق ادا ڪرڻ ۾ ڪڏھن آزاد ناھن رھيا، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو نظام ھڪ تسلسل سان ھلندو رھيو ۽ ملڪي سياست موروثي بڻجي وئي. ملڪ جي سياست به ڄڻ جاگيردارن جي ھڪ قسم جي جاگير بڻجي رھجي وئي. جيڪا بدقسمتيءَ سان اڃان تائين خود کي جاگيردارن جي چنبي مان  آزاد ڪرائي ناھي سگھي. ملڪي نظام ڀلا ڪيئن تبديل ٿئي؟ اڄ به اسيمبيلي جي ميمبرن جي گھڻائي انھن ماڻھن جي آھي، جن جا وڏا يعني پيءُ ۽ ڏاڏا به اسيمبيلين جا ميمبر رھي چڪا آھن.

ملڪي سياست ۾ سياسي انتقامن جو داستان نھايت ئي ڊگھو آھي، جنھن ۾ سياسي مخالفن سان طرحين طرحين جون جٺيون ڪيون ويون، جھڙوڪ کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ، سندن زمينن تي قبضو ڪرڻ، ڌاڙيلن کان اغوا ڪرائڻ کان ويندي چورن يا قبيلائي دھشتگردن کان مارائي ڇڏڻ وغيره. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سياست ۾ سواءِ چھرن جي ٻيو ڪجھه به ناھي بدليو، جڏھن ته نظام چھرن سان نه پر سوچ مٽجڻ سان تبديل ٿيندا آھن. جڏھن ته سنڌ جا اميدوار  اڄ به ووٽرن کي پنھنجو اھڙي طرح غلام سمجھن ٿا، جيئن کين گذريل صدي ۾ سمجھو ويندو ھو.

خبر موجب تعليم جي اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله پيچوھو سانگھڙ ۾ چونڊ مھم دوران ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ووٽرن کي ڌمڪي ڏني آھي ته جيڪڏھن پ پ اميدوارن کي ووٽ نه ڏيندئو ته اسان اوھان جو پاڻي بند ڪري ڇڏينداسين. ھن وڌيڪ اھو به چيو ته جيڪڏھن اوھان کي اميدوارن جون شڪلون نٿيون وڻن ته ڀلي نه وڻن پر توھان کي ووٽ شھيدن جي امانت سمجھي پ پ جي اميدوارن کي ڏيڻو پوندو.

فضل الله کان اڳ پ پ جا ٻيا به ڪيئي اڳواڻ نه رڳو ووٽرن کي ڌمڪيون ڏئي چڪا آھن، پر گٿن لفظن جي ذريعي عوام جي ووٽ جي توھين پڻ ڪري رھيا آھن. ووٽ نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جو هڪ ذريعو هوندو آهي ۽ ان سان پنهنجو نمائندو چونڊي سگهندو آهي، جيڪو سندن مسئلا اعليٰ ايوانن تائين پهچائي ڀلا ووٽ ڪنهنجي امانت ڪيئن بڻجي سگهي ٿو؟

اميدوارن کي عوام کان ووٽ پنھنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي وٺڻ گھرجي. جن اميدوارن جي ڪارڪردگي ٻڙي رھي آھي ۽ جن ماڻھن کي مايوس ڪيو ته ووٽرن کي به پورو حق حاصل آھي ته چونڊن ۾ انھن کي ووٽ نه ڏئي ۽ کين رد ڪري ڇڏي. اھڙا اميدوار جيڪي عوامي توقع تي پورو نه لھي سگھيا آھن. جڏھن چونڊن ۾ رد ٿيندا ته اھي اڳتي لاءِ پنھنجي ڪارڪردگي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪندا، باقي ووٽرن کي ڌمڪيون ڏيڻ جمھوري اصولن جي نفي ۽ سياسي داداگيري آھي، جيڪا بند ٿيڻ گھرجي ۽ اليڪشن ڪميشن کي ان جو نوٽيس وٺي اھڙن اميدوارن کي نااھل قرار ڏئي کين چونڊ عمل کان ٻاھر ڪڍي ڇڏي.

  • جڙتو پوليس مقابلن ۾ ماريل ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي

ٺل ۾ 8 مھينا اڳ صدام حسين لاشاري کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريندڙ 7 پوليس اھلڪارن سميت 8 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. خبر موجب ٺل واسي نوجوان صدام حسين لاشاري کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريندڙ 7  پوليس اھلڪارن سميت مٿس ڦر جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ فريادي غلام ياسين ٻرڙي تي حسينا لاشاري جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ چار اھلڪارن جي گرفتاري پڻ ظاھر ڪئي وئي آھي.

گذريل ھفتي حيدر آباد ۾ پڻ جڙتو پوليس مقابلي ۾ راشد ملاح کي ماريو ويو ھو، جيڪو کين قتل ڪيس ۾ گھربل ھو. تفصيل موجب راشد ملاح پلاٽ جي معاملي تي پاڙي ۾ واقع پيٽرول پمپ جي مالڪ کي قتل ڪري ڇڏيو ھو، جنھن تي حيدرآباد پوليس ڪارروائي ڪندي کين گھرڀاتين سميت گرفتار ڪري ورتو ھو، جنھن کي رات جو پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو. ڪو به شخص جيڪڏھن ڪنھن ڳالھه تي طيش ۾ اچي ڪنھن کي قتل ڪري ڇڏي ٿو ته ان لاءِ قانون ۾ سزائون مقرر ٿيل آھن، جنھن ۾ عمر قيد ۽ ڦاسي جي سزا به شامل آھن، پر جڏھن ان عمل جو ورجاءُ پوليس سوچي سمجھي ٿڌي دماغ سان ڪري ٿي ته ان کي ان جوابدار جي ڏوھه کان به وڏو ۽ سنگين نوعيت جو ڏوھه سمجھڻ گھرجي.

ھلندڙ مھيني گھوٽڪي ضلعي جي کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان ڪوٽ سبزل (پنجاب) پوليس ٻن پورھيتن ڄام چاچڙ ۽ نظير چانگ کي گرفتار ڪري ٽن ڏينھن کان پوءِ قتل ڪري پوليس مقابلو ڄاڻايو ھو، جن جو ڪٿي به ڪو ڪرمنل رڪارڊ ظاھر ناھي ٿيو.

سو جڙتو پوليس مقابلن ۾ ماريل سمورن ماڻھن جي قتل جي اڻڌري ۽ شفاق جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان عمل ۾ ملوث جوابدارن کي جوڳي سزا ڏني وڃي ته جيئن ملڪ ۾ عدالتن کان مٿاھان قتل بند ٿي سگھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.