آزاد اميدوارن جي حمايت حاصل ڪرڻ هارس ٽريڊنگ ناهي:نثار کهڙو

لاڙڪاڻو( رپورٽ: محمد يوسف شيخ) پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو آهي ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد اميدوارن کي گڏ کڻي ھلڻ لاءِ ڪھڙي به سياسي جماعت مٿان هارس ٽريڊنگ جي لاءِ ڪائي به آئيني شق  جي گنجائش  ناھي ڇو ته آزاد اميدوارن کي چونڊجي اچڻ بعد ڪنهن نه ڪنهن سياسي جماعت سان ھلڻو آهي يا ته ٻئي صورت ۾  آزاد اميد وار پنھنجو گروپ ٺاهي ايوان ۾ آزاد ميمبر جي حيثيت ۾ويھي سگھن ٿا، مختلف علائقن ۾ چونڊ گڏجاڻين کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياسي جماعتون آزاد اميدوارن جي حمايت حاصل ڪري سگهن ٿيون ۽ اِهو عمل هارس ٽريڊنگ جي ضمري ۾ نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته هارس ٽريڊنگ جي شق تڏهن لاڳو ٿيندي آهي جڏهن ڪنهن به سياسي جماعت جا اميدوار پارٽي ٽڪيٽ تي چونڊجڻ کان پوءِ ڪنهن ٻي جماعت جي حمايت ڪن، پي ٽي آءِ جو بيٽ جو نشان واپس ٿيڻ کان پوءِ چونڊون وڙهندڙ اميدوار آزاد حيثيت ۾ ۽ آزاد نشان تي چونڊ وڙهي رهيا آهن ان لاءِ اهي اميدوار آئيني طور تي پي ٽي آءِ جا نه پر آزاد اميدوار سڏرائبا. جيڪڏهن بيٽ جي نشان تي اميدوار چونڊون وڙهن ها ته پوءِ پي ٽي آءِ جا اميدوار سڏرائجن ها ان لاءِ جيڪڏهن اهي آزاد اميدوار چونڊجڻ بعد ڪنهن ٻي جماعت ۾ شامل ٿيندا ته انهن جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي ذريعي نااهليءَ جي ڪاروائي نه ٿي ٿي سگهي، عمران خان پاڻ  آزاد اميدوارن کي ووٽ ڏيارڻ جو مخالف آهي، نثار کھڙو پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي اپيل ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري زرداري جا ھٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ چونڊ کٽي ايندڙن جو ساٿ ڏين، اهڙي طرح نواز ليگ جا ڪارڪن به نواز شريف کي ووٽ ڏيڻ بدران بلاول ڀٽو زرداري کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن، ھن چيو ته نواز شريف ماضيءَ ۾ عمران خان ۽ پرويز مشرف کان معافي وٺي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو ۽ هاڻي به چونڊن کان پوءِ اِهو چوندو ته مون کي ڇو گهرايو ويو، نواز شريف جي سياست ھميشه تڪراري ۽ ڊيل واري رھي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.