لکي غلام شاهه ڀرسان مڇي جي فارم تي سُتل 2 چوڪيدار اغوا

لکي غلام شاهه (رپورٽ نديم جان مهر) لکي غلام شاهه  ڀرسان مڇي جي فارم تي ستل 2 چوڪيدار اغوا،اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو،  ڳوٺ سعد الله ناپر ڀرسان مڇي جي فارم تي چوڪيداري ڪندڙ 2 ڄڻا در محمد ناپر ۽ مشتاق احمد ناپر کي رات جو دير سان هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا ڳوٺاڻن جي گهر نه پهچڻ تي صبح جو سنڀار ڪئي وئي ته ٻنهي ڄڻن جو سامان وکريل مليو، لکي غلام شاهه پوليس پهچي پيرا کنيا جيڪي رستي تي گم ٿي ويا ، ٻنهي ڄڻن جي اغوا ٿيڻ ۽ پوليس سستي خلاف مغوين جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن محمد اشرف ناپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن چيو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي مغوين کي آزاد ڪرائي ٻي صورت ۾ لکي غلام شاهه موڙ تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو، لکي غلام شاهه مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو، ڳوٺ صوڀو مهر واسي اعجاز احمد مھر،ڳوٺ ٻڌ چمن واسي نوجوان منصور احمد مھر کي پڻ پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.