نظام کي بدلائڻ لاءِ سياسي جماعتن کي اڳتي اچڻ گھرجي

 جيتوڻيڪ ملڪ ۾ اعلانيل عام چونڊون ٿيڻ ۾ اڃان ڪجھه ڏينھن باقي آھن، پر اقتدار جون واڳون حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي اڳواڻن ھاڻ کان ئي ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آھي ته ٻئي پاسي وري ملڪي سياست تي اثرانداز ٿيندڙ طاقتور ماڻھن به گڏجاڻيون ڪري صلاح مشورا ڪري رھيا آھن ته اقتدار جي مسند تي ڪنھن کي ويھارجي، ڇاڪاڻ ته سندن اڳيان گذريل چونڊن وارو تلخ تجربو موجود آھي، جنھن سياسي معاملن ۾ انھن جي غير ضروري مداخلت کي دنيا اڳيان وائکو ڪيو ۽ سندن بدنامي جو ڪارڻ بڻيو.

بظاھر ته ايئن ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي ته مسلم ليگ (ن) چونڊن ۾ سوڀ ماڻيندي، ڇا ڪاڻ ته ھتي چونڊون پوءِ ٿينديون آھن ۽ ان جا نتيجا اڳواٽ ئي طئه ڪيا ويندا آھن، اھو ئي سبب آھي جو ملڪ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ چونڊن جون اھي سرگرميون نظر نٿيون اچن ۽ نه ئي سياسي جماعتون خاص طور تي مسلم ليگ (ن) اھا چونڊ مھم ھلائي رھي آھي، جيئن گذريل چونڊن ۾  ھلائيندي رھي هئي.

گذريل چونڊن ۾ جيڪو تجربو ڪيو ويو، ان جو نتيجو اسان سڀني جي سامھون آھي. ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجھو پھچي چڪو آھي، ڇو ته ملڪي معيشت مڪمل طور تي تباھه ٿي وئي ھئي، جيڪا صحيح معني ۾ اڃان به سڌري نه سگھي آھي ۽ ان جو اثر ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين برقرار رھي سگھي ٿو.

جمھوريت ۾ غير جمھوري تجربا تباھه ڪن ثابت ٿيندا آھن، گذريل چونڊن وارو تجربو به نه ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيو، نه ئي تجربيڪارن لاءِ ۽ نه ئي ان مان استعمال ٿيندڙن لاءِ به ڪو چڱو نتيجو نڪتو.

ملڪي تاريخ جيڪا مني صدي تي محيط آھي، ان ۾ ايترو  ته مواد موجود آھي، جنھن مان اسان کي ڪنھن به نئين تجربي ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناھي، پر الميو اھو آھي ته ھتي ڪير به تاريخ جي تلخ تجربن مان سکڻ لاءِ تيار ناھي،  اھو عمل نه رڳو خودفريبي آھي پر تجربي خاطر زھر پيئڻ جي مترادف پڻ آھي.

ايندڙ چونڊن ۾ به اڳ جھڙو تجربو ٿيڻ وڃي رھيو آھي، فرق صرف ايترو آھي ته ايندڙ وقت ۾ اھي ماڻھون استعمال ٿيندا، جيڪي گذريل ڌانڌلي جا متاثر آھن. جيڪڏھن ساڳيا ۽ آزمايل تجربا ٻيھر ۽ ھر ھر ڪيا ويندا ته ان مان ڪنھن نئين ۽ مثبت نتيجي جي اميد ڪيئن ڪري سگھجي ٿي؟

جيڪڏھن نون تجربن مان به ڪو کڙ تيل نه نڪتو  ته ڇا ايندڙ وقت ۾ انھن ماڻھن کي آڻي وڌيڪ تجربا ڪيا ويندا، جيڪي ھاڻ جيل ۾ قيد آھن.؟

اھا وقت جي تقاضا آھي ته ڪنھن به سياسي جماعت کي چور دروازي کان اقتدار ۾ نه اچڻ گھرجي، پر سڀني سياسي جماعتن کي پاڻ ۾ ميثاق جمھوريت جھڙو ڪو معاھدو ڪري غير سياسي قوت خلاف اٿي کڙو ٿيڻ گھرجي. جنھن سان حقيقي جمھوريت بحال ٿيندي ۽ ملڪ مڙني بحرانن مان نڪري سگھندو.

بدامني جي ور چڙھيل گھوٽڪي ۽ قانون جي بي وسي

گھوٽڪي ضلعي ۾ سدائين بدامني جي بازار گرم رھندي پئي اچي. جتي قبيلائي جھيڙن جو آزار، ڌاڙيلن جو ڏھڪاءُ شھرين کي ڪڏھن به سک سان سمھڻ ناھي ڏنو.

ضلعي ۾ بدامني جي صورتحال اھا آھي جو گذريل ڪجھه ڏينھن اڳ ھڪ ڏينھن ۾ اٺ ماڻھو قتل، ٽي  زخمي ۽ ڇھه ڄڻا اغوا ٿي ويا ھئا.

تازو گھوٽڪي جي ڪچي مان ڌاڙيلن چار پوليس اھلڪارن کي اغوا ڪري ويا آھن، جيڪي ڊيوٽي تان واپس پنھنجي گھرن ڏانھن ويا پئي.  گھوٽڪي پوليس اھلڪارن جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪو سخت ايڪشن کڻڻ جي بدران ساڻن ڊيل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آھي، جنھن سان پوليس اھلڪار ته سھي سلامت واپس اچي سگھن ٿا، پر ان عمل  سان ڏوھارين جي ڏاڍ مڙسي وڌيڪ وڌي ويندي.

 گھوٽڪي ضلعو مڪمل طور قبيلائي دھشتگردن ۽ ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي آھي، جتي قانون جي نه پر ڌاڙيلن ۽ قبيلائي سردارن جي بالادستي ۽ بادشاھي قائم ٿيل نظر ايندي آهي.

بي لغام ھٿياربند جنھن کي جتي چاھين اتي ڏينھن ڏٺي جو قتل ڪري ڇڏين ٿا.جن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايس پي گھوٽڪي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ھو ته جيستائين سردارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو، تيستائين نه قبيلائي جھيڙا بند ٿيندا ۽ نه ئي امن قائم ٿيندو. ھن ضلعي ۾ ڏوھارين جي خلاف آپريشن لاءِ فوج جي گھر پڻ ڪئي.

ڌاڙيل پوليس کان ڏاڍا ٿي سگھن ٿا پر سردارن ۽ وڏيرن تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ جيترو ڪم پوليس کي به ڪرڻ گھرجي جنهن کي سرڪاري خزاني مان ڪروڙين رپيا پگهار ڏني ويندي آهي ۽ مٿس اربين رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن ۽ اھا خود کي ايترو ڪمزور به ظاھر نه ڪري جو ھر پنجون شخص بي خوف بڻجي ڌاڙيل بڻجي وڃي ۽ ڏوھه ڪرڻ لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.