جمهوري تبديلي جو خواب ۽ تاريخي حقيقتون

حميده گهانگهرو

عوام انهيءَ صورت ۾ انقلابي حيثيت جهڙي جمهوري تبديلي جا آثار ڏسندو آهي جنهن ۾ پوکيل وڻ جي ڇانو ايندڙ نسلن تائين لاڀ حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. 75 سالن ۾ غلاميءَ واري سوچ، آزاديءَ جي تصور ۾ به آزاد نه رهي. آزاد ٺهيل ملڪ سان ڪجهه اهڙي ويڌن رهي جو فورن مارشل لا جا ڪارا ڪڪر ايوب خان جي شڪل ۾ نظر آيا جن عوام مونجهاري جو شڪار بڻايو.

1947ع ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان ٺهيو. مشرقي پاڪستان جي شيخ مجيب الرحمٰن عوامي ليگ جو صدر هو انهيءَ وقت مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي هڪ ئي قيادت هئي. اليڪشن ۾ عوامي ليگ جي شيخ مجيب الرحمٰن اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي پر ذوالفقار ڀٽي، شيخ مجيب الرحمٰن جي ڪاميابيءَ کي تسليم نه ڪندي يحيٰي خان جي ڪوٺايل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ اهڙي طرح نفرتن ۽ تضادن جو بنياد کڄندو ويو. جنهن مان ظاهر ٿيو ته ڀٽي صاحب سوشلزم جي نعري ۾ عوام جون همدرديون وٺڻ لاءِ ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ جو نعرو ڏئي عوام سان ويجهڙائي ته آندي پر ٻئي پاسي اصل طاقت وقت جي مضبوط ۽ طاقتور پارٽي سان اختلاف رکي سياسي طور پاڻ کي ڪمزور ڪيو. شيخ مجيب واضح طور 6 نڪتن ۾ صوبائي خودمختياريءَ جي ڳالهه ڪئي. هن صرف بنگلاديش کي الڳ ڪرڻ نه پئي چاهيو. شيخ مجيب پاڪستان کي حصن ۾ تقسيم نه پيو ڪري پر غلط پروپگنڊه ڪري شيخ مجيب کي غدار چئي ڌار ڪيو ويو. کين بنگالين جو الڳ ديش ٺهڻ ڪري مغربي پاڪستان مان نيڪالي ڏني وئي.

پر ڇا اڄ پاڪستان خاص طور سنڌ آزاد آهي. روز جي واويلا ۽ ڌاري آباد ڪاري ڪري مقامي ڌرتي واسي ويڳاڻو ٿي ويو آهي. هميشه هن ملڪ خاص طور سنڌ سان سياسي وير رکي عوام جي سياسي شعور کي دٻايو ويو آهي. ڇا ملڪ جي ماڻهن کان وسري ويو ته ڀٽي صاحب جي ضد جي ڪري ته اقتدار سندس حق آهي ڇاڪاڻ جو صوبي ۾ سندس اَڪثريت آهي ته ان جو ردعمل 23 مارچ کان 16 ڊسمبر 1971ع تائين بنگلاديش ۾ ملٽري آپريشن ڪري اهڙو نتيجو ٿو ڪڍيو وڃي جو هڪ جسم جون ڄنگهون ٻانهون ڪٽي ورهايون ويون ۽ ان جا نتيجا پاڪستان پنهنجي پيرن تي نه بيهڻ ڪري ڀوڳي رهيو آهي جڏهن ته قربانين، قتل عام، عورتن جي لاشن کي کڻندڙ بنگالي عوام پنهنجي پيرن تي بيهي خودمختياري ۽ آزاديءَ سان جي رهيو آهي.

سنڌ کي غلام ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ون يونٽ جا زنجير ته ڪڏهن سياسي قلابازين جا تماشا اڄ ڏينهن تائين پيڇو نٿا ڇڏين. جڏهن ته سنڌ جي عوام ڀرپور جدوجهد ۽ اتحادڪري ون يونٽ جهڙي ڦندي کي ٽوڙي، اها حقيقتن مڃرائي ته هڪ ماڻهوءَ جو ووٽ هڪ هوندو آهي. انهيءَ اميد سان عوام جو اعتماد بحال ٿيو. ۽ چونڊن جي تصور کي جمهوري طريقو سمجهيو ويو. جڏهن ته تاريخ جي پس منظر مان خبر پوي ٿي ته مختلف طريقن سان عوام کي جمهوريت، اسلام يا اسلامي سوشلزم جو دعويدار ٿي عوام کان ووٽ پنڻ واري روايت کي برقرار رکيو ويو آهي.

مارشل لا کانپوءِ عوام پنهنجن عوامي نمائندن کي موٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ۽ پنجن سالن جي جمهوريت جا عڪس ڪجهه اهڙيءَ طرح نظر آيا ته وڌ کان وڌ سياسي، سماجي، ادبي سرگرمين تي پابندي رهي. ۽ اڪثر اڳواڻ جيلن ۾ پابند سلاسل رهيا. نتيجي ۾ 5 سال پورا ٿيڻ کانپوءِ جڏهن 9 ستارن جي تحريڪ جو واچوڙو آيو ته جمهوري عوم جي چونڊيل حڪمران کي من گهڙت ڪيس ۾ پابند سلاسل ڪري 1977ع ۾ مارشل لا مڙهي وئي. چوڻ ۾ ته ڀٽي صاحب پنهنجي پسنديده مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي ڪنهن جي سينارٽي کي ختم ڪري جنرل مقرر ڪيو جيڪو اڳتي هلي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿي ملڪ تي 11 سال حڪمراني جي ڪاري قانون ۾ اسانکان ڪيترا مٺا پيارا ماڻهو کسيا. جيل ڪوڙا ڄڻ عام ماڻهوءَ لاءِ معمول بڻجي ويا. پر خود ڀٽي صاحب جو به قتل ٿيو جنهن کي عدالتي قتل، چئجي اها ان ڪوڙي ۽ جابر فيصلي جي تاريخ آهي.

انهيءَ ڪري چوندا آهن ته جيڪڏهن بروقت صحيح فيصلا ڪجن ۽ عوام سان ڪيل واعدن مطابق اقتدار جي ذميدارين کي پورو ڪيو وڃي ته ڪڏهن به هر اليڪشن ۾ نئين سر منشور پيش ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. پارٽين جا منشور هڪ دفعو ٺهندا آهن ۽ پوءِ سندن اقتدار ان منشور جي گواهي طور عوام اڳيان ساک برقرار رکندو آهي.

2024 جي اليڪشن ۾ نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري نئين طريقي سان نوان خواب ڏيکاري وزيراعظم ٿيڻ جو خواهش مند آهي. جڏهن ته سياست خواهش نه پر عوام جي حقيقي جذبن جي پاسداري ڪرڻ ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. خواهش ته ڀٽي صاحب جي به هئي پر هن وقت تائين جيڪو ڏٺو ويو تنهن جي موٽ عوام ڏئي رهيو آهي. ڪنهن به جلسي  ۾ عوام کي پابند ڪري بسون ڀري وڃڻ کي جلسي جي ڪاميابي نه پر سياسي اڌار ۽ قرض طور ڏيکاءُ چئي سگهجي ٿو. عوام هن وقت تمام گهڻو سجاڳ ٿي چڪو آهي. سنڌ جو عوام ٻوڏ، غربت، مهانگائي جهڙي اذيتن مان گذرندي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي محسوس ڪندو رهيو آهي. ڇا 2007 بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري کي جڏهن پنهنجي پارٽي جون ذميداريون سونپيون ويون ته سندس سياسي بصيرت اهڙي نه هئي جو هو ملڪي حالتن، عوام جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي. ڇاڪاڻ جو پ پ عوام جي پارٽي سمجهي وڃي ٿي. ڪا به شهنشاهي يا بادشاهي نظام جي پارٽي ناهي ته پيءُ نه ته پٽ سنڀالي. جمهوري پارٽين ۾ ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي ڪنهن به سياسي سينيئر اڳواڻ کي ترجيح ملڻ گهرجي. پر جيئن ته محترمه جي شهادت کانپوءِ جيڪو ملڪ ۾ راڄ رهيو آهي ان لاءِ بهتر اهو هو ته بلاول کي ذميداري ڏني وڃي.

2008 کان مسلسل سنڌ ۾ پ پ سان عوام نڀايو آهي پر خاص طور انهن پندرهن سالن ۾ سواءِ ڳنڀير مسئلن جي عوام کي ڪنهن به طرح معيشت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ ڪي به بهتر اپاءُ ناهن ورتا. آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ڪرپشن ڪري عوام جا مسئلا ڏينهون ڏينهن بک، بيروزگاري، بدحالي جي بلندين تي پهتل آهن. انهيءَ ڪري نماڻي گذارش آهي ته بلاول ڀٽو کي ائين نه چوڻ گهرجي ته جڏهن مان وزيراعظم ٿيندس ته ملڪ خوشحال ٿيندو. 2008 ۾ وفاق ۽ سنڌ جي مستقل حڪمراني پ پ کي مليل آهي.

نگران حڪومت کان اڳ بلاول صاحب انٽرنيشنل يعني پرڏيهي وزير به رهيو انهيءَ سڄي پس منظر ۾ مونکي حضرت علي جو قول ياد ايندو آهي ته هڪ آڱر ٻئي ڏانهن کڻندئو ته چار آڱريون توهان جي گريبان ڏانهن به کڄنديون، پر جيڪڏهن بلاول صاحب ڪارل مارڪس جي انهيءَ قول تي عمل ڪندي ته ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکو ته يقينن هن نوجوان تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ شاهه سائين چواڻي ”اچو سورن واريون ڪيون سور پچار“. اليڪشن جا ميلا وري ڏکن جا در کولي ڇڏيندا. جيسين عوام ۾ سياسي شعور نه ايندو عوام هميشه وقتي طور جي دلاسن ۾ وقت گذاريندو. هر انسان جو ووٽ شايد ڪنهن اڳواڻ جو اقتدار ۾ اچڻ لاءِ مضبوط ٿنڀ آهي انهيءَ ڪري عوام پنهنجا ٿنڀ مضبوط ڪري ۽ حق وٺڻ جي سگهه رکي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.