بلاول ڀٽو جي چونڊ مهم جو جائزو

عبدالمجيد بروهي

ھن وقت پوري ملڪ ھر طرف کان پ پ پ قيادت پاران ڪامياب جلسا ڪيا پيا وڃن ڪي پي ڪي گلگت بلتستان بعد پنجاب صوبي ۾ به پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي پنجاب جي عوام پاران ڀرپور موٽ ڏني پئي وڃي سنڌ ۾ ته پ پ پ جو ڪو مقابلو ڪرڻ وارو نظر نٿو اچي  باقي جي ڊي اي پاران ڪجهه سيٽين تي پ پ پ اميدوارن جا پگھر ڪڍي سگھن ٿا.

ان کان سواءِ سنڌ جي گاديءَ جي ھنڌ ڪراچي ۾ جھڙي ريت پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ شھيدراڻي جي لاڏلي ڌيءَ جنھن کي عڪس بينظير پڻ سڏيو وڃي ٿو ان کي ملندڙ شاندار موٽ ۽ ڪراچي جي عوام پاران سندس ڪيل شاندار استقبال ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن پاران پ پ پ ۾ شموليت بعد اھو صاف لڳي رھيو آھي ته ڪراچي ۾ به پ پ پ اڪثر سيٽون ٻھاري سگھي ٿي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو آھي جنھن مان ڪجهه خاص نقطا ھي آھن ته ملازمن جي پگھارن ۾ 100 سيڪڙو اضافي سميت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ نوجوانن کي يوٿ ڪارڊ ھارين لاءِ ھاري ڪارڊ مزدورن لاءِ مزدور ڪارڊ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آھي

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پاڪستان ۾ نفرت جي سياست کي ختم ڪري انتقامي سياست کي پڻ دفن ڪري ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ملڪ جي معيشت کي سڌارڻ لاءِ تمام سياسي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو پڻ پنھنجن جلسن جلوسن ۾ چوندو رھندو آھي ھن ڀيري سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي پ پ پ خلاف وٺ سٺ ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ پ پ پ جي مقبوليت ۾ گھٽتائي بجاءِ اضافو ٿيندو پيو وڃي پ پ پ چيئرمين پنھنجا جلسا ڪري رھيو آھي جڏھن ته ٻين پارٽين پي ٽي آءِ  نواز شريف پاڻ ۽  ڪجهه ڏينھن کان سندس نياڻي جلسا ڪري رھي آھي باقي ڪجهه جلسا نواز شريف ۽ شھباز شريف به ڪري چڪا آھن  پي ٽي آءِ وارا تقريبن چونڊن عمل مان پري ٿي چڪا آھن چونڊ نشان بيٽ نه ملڻ بعد پي ٽي آءِ جا ووٽر سپورٽر سخت پريشان حال آھن.

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان عوام جي محبت کي ڏسي مخالف پڻ حيران پريشان آھن هن وقت اردو ميڊيا سميت عالمي ميڊيا تي صرف بلاول ڀٽو زرداري نظر اچي رھيو آھي جيڪو ھن وقت ملڪ جي بقاءِ خاطر ۽ ملڪ جي عوام کي مھانگائي کان نجات ڏيارڻ نفرت جي سياست کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي ن ليگ جي مقابلي ۾ پ پ پ کي لاھور کان ويندي پنجاب جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ عوام پاران محبت ۽ ڀرپور موٽ ملڻ بعد سڀ حيران پريشان آھن پي ٽي آءِ جا ناراض ڪارڪن اڃا تائين ٻڏتر جو شڪار آھن ڪجهه پي ٽي آءِ جا کلاڙي پ پ پ جي حمايت لاءِ سوچ ۾ آھن پر اڃا تائين ڪو فيصلو ڪري نه سگھيا آھن پر ڪجهه ڪارڪنن جو چوڻ آھي بلاول ڀٽو کي ڇو نه ھڪ ڀيرو آزمايو وڃي، ٿي سگھي ٿو ھو پنھنجي نانا ۽ پنھنجي امڙ وانگر پاڪستان جي عوام جي ڀلائي ۽ ڪي ڀلا قدم کڻي.

بحرحال سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ھن وقت پ پ پ جي پوزيشن گذريل اليڪشن کان ڪافي بھتر آھي سنڌ ۾ 90 سيڪڙو پ پ پ جا اميدوار کٽي سگھن ٿا. جڏھن ته بلوچستان ۾ پ پ پ ۽ انجا اتحادي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي سگھن ٿا ڪجهه طاقتور ذريعن جو چوڻ آھي ھن ڀيري پنجاب مان پ پ پ کي 15 کان مٿي قومي اسيمبلي جون سيٽون ملڻ جا امڪان آھن ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته پنجاب جو عوام ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿيندڙ جو ساٿ ٿو ڏي يا نوجوان بلاول ڀٽو کي ووٽ ڏيندا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.