ميرپورخاص ضلعي جي سياست تي هڪ نظر

قائم سولنگي

ميرپورخاص ضلعو سنڌ جو چوٿون نمبر تاريخي ۽ سياسي حيثيت جو حامل ضلعو آهي. تحريڪ آزادي ۽ قيام پاڪستان کانپوءِ ۽ تعمير پاڪستان ۾ ميرپورخاص ضلعي جي سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو اهم ڪردار رهيو آهي. ملڪ 1947ع کان وٺي 1969ع اٽڪل ٻاويهه سالن تائين ڊرائنگ رومن جي سياست ٿيندي رهي آهي. پر 1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ عوامي سياست جو دور شروع ٿيو ۽ هتي پي پي پي سان گڏوگڏ مسلم ليگ (ڪائونسل)، مسلم ليگ (قيوم)،  عوامي ليگ، نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي، جميعت علماءُ اسلام، جميعت علماءَ پاڪستان ۽ ٻين سياسي پارٽين پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون.

 1970ع ۾ جنرل يحيٰ خان ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون ته اُن نتيجي ۾ اولهه پاڪستان ۾ پ پ پ ۽ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب جي عوامي ليگ اڪثريت سان ڪامياب ٿي. ميرپورخاص ضلعي ۾ جيڪو اڳ ٿرپارڪر سڏبو هو قومي اسيمبلي سيٽ تي مير علي بخش خان ٽالپر، تعلقي ۽ شهر جي سيٽ تي مسلم ليگ ڪائونسل جي اميدوار سيد علي قطب شاهه ڪاميابي حاصل ڪئي. 1971ع ۾ اولهه پاڪستان ۾ پ پ پ جي حڪومت قائم ٿي. ملڪ ۾ سيٽ جو ادارو ‘‘ايوان بالا’’ قائم ٿيو ته پ پ پ طرفان سيد قربان علي شاهه ۽ مير محمد آچر ٽالپر کي سينيئر چونڊيو ويو. تعلقه جيمس آباد ۽ ڊگهڙي جي صوبائي تڪ تي پ پ پ اميدوار مير امام بخش ٽالپر ميمبر چونڊجي ويو. اُن بعد گذريل چاليهه سالن دوران ميمبر قومي اسيمبلي لاءِ پيرغلام رسول شاهه جيلاني، سيد قربان علي شاهه، پير آفتاب جيلاني ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. انهيءَ وچ ۾ جنرل ضياءَ الحق واري دور ۾ ٿيل غير جماعتي چونڊن ۾ جنرل (ر) بشير خان قائمخاني ۽ 1990ع ۾ صدر غلام اسحاق خان جي دور ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوار انيس احمد خان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته شهر ميرپورخاص جي صوبائي سيٽ به ايم ڪيو ايم جي اميدوار فقير محمد ميمڻ جي حصي ۾ ايندي رهي. البته تعلقه ميرپورخاص جي صوبائي سيٽ پ پ پ جي مقدر ۾ ايندي رهي.

2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ 2008ع ۾ ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ اين اي 226 اولڊ ميرپورخاص تي پ پ پ جي اميدوار پير آفتاب حسين جيلاني 78543 ووٽ حاصل ڪيا، ايم ڪيو ايم جي پروفيسر خورشيد صديقي 38309 ووٽ ۽ فنڪشنل مسلم ليگ اميدوار فقير غلام نبي منڱريي 26385 ووٽ حاصل ڪيا هئا. جڏهن ته ڪوٽ غلام محمد / ڊگهڙي جي اين اي 227 تان مير منور خان ٽالپر 82697 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سندس سامهون پاڪستان مسلم ليگ اميدوار سيد قربان علي شاهه 31159 ووٽ کڻي سگهيو ۽ تڏهن مسلم ليگ (ن) جي اميدوار سردار غلام مصطفيٰ خاصخيلي 10359 ووٽ حاصل ڪري ٽئين پوزيشن تي آيو هو.

انهيءَ اليڪشن 2008 ۾ ضلعي ۾ صوبائي تڪن تي پي ايس 64 ميرپورخاص  تان ايم ڪيو ايم جو فهيم احمد الطافي 32697 ووٽ حاصل ڪري سرسي حاصل ڪئي  هئي. جڏهن ته پي پي پي اميدوار نويد بلند 30023 ووٽ کڻڻ باوجود سيٽ هارائي ۽ جنهن کان پوءِ هُو اليڪشن ٽربيونل ۾ اعتراض داخل ڪرڻ ويو. تڏهن فنڪشنل مسلم ليگ اميدوار جاويد احمد پاپا رڳو 1517 ووٽ حاصل ڪيا. بعد ايوان ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي شميم آرا پنهور  ۽ سينيٽ ۾ هري رام ڪشوري لال ميمبر کنيا ويا. اهڙي طرح اليڪشن ۾ تعلقه ميرپورخاص تڪ تي سيد علي نواز شاهه ڪوٽ غلام محمد تان مير محبوب ٽالپر ۽ ڊگهڙي تان مير حاجي حيات ٽالپر چونڊيا.

جڏهن وري 2013ع جي عام چونڊن جو ميڙو متو ته اين اي 226 ميرپورخاص تان اميدوار پ پ پ پير شفقت جيلانيءَ ووٽ 82017 حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي، ۽ ٻي پوزيشن فنڪشنل مسلم ليگ اميدوار سيد قربان علي شاهه 47450 ووٽ کنيا هئا ۽ ايم ڪيو ايم جي شبير قائمي 34687 ووٽ ۽ آزاد اميدوار زاهد حسين مري جنهن فقط 9022 ووٽ کڻي سگهيو.

ائين قومي تڪ 227 تي مير منور علي ٽالپر پي پي پي اميدوار 113218 ووٽ حاصل ڪري سرسي حاصل ڪئي، سندس مقابلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ اميدوار سيد عنايت علي شاهه 33723 ووٽ کنيا آزاد اميدوار ارباب عنايت غلام رحيم 7198 جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن تقريبن 35،35 هزار ووٽ کنيا هئا. ۽ انهي اليڪشن ۾ به پي ايس 65 ميرپورخاص تعلقي تان پ پ پ اميدوار سيد علي نواز شاهه ڪاميابي ماڻي هئي ۽ 61395 ووٽ پلئه پيا ها. شهر ميرپورخاص پي ايس 64 تان ڊاڪٽر ظفر ڪماليءَ ايم ڪيو ايم پاران 29969 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ مقابلي ۾ ٻي نمبر تي عبدالسعيد قريشي اميدوار پي پي پي 22327 ووٽ حاصل ڪري هارائي ويو. ساڳي طرح ڪوٽ غلام محمد تڪ تان جميل احمد ڀرڳڙي 49222 ووٽن سان سوڀارو ٿيو ۽ مير جان الله ٽالپر فنڪشنل مسلم ليگ 18349 ووٽ حاصل ڪري ٻي پوزيشن کنئي هئي. جڏهن ته ڊگهڙي تعلقي جي تڪ تان حسب معمول مير حيات ٽالپر ڪامياب ٿيو. مختصر هيءَ ته گذريل اليڪشنن جي نتيجي ۾ پير آفتاب جيلاني وفاقي وزير سيد علي نواز شاهه 2 دفعا صوبائي وزير ۽ هڪ دفعو وفاقي وزير صنعت ۽ پيداوار بڻيا.

البته چونڊيل ميمبرن توڙي پي پي پي عهديدارن جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺبو ته، معلوم ٿيندو ته انهن نه رڳو عوام سان رابطو گهٽ رکيائون. پر سرڪاري نوڪريون، فائدا ۽ ٻيون سهوليتون پنهنجن خاص ماڻهن کي ڏنيون، نتيجي ۾ ماڻهن جي اڪثريت منجهائن خفا رهي، سنڌي عوام ٻيو ڪو موزون متبادل نه هئڻ سبب وقت کي ڌڪو ڏيندا رهيا.

ميرپورخاص ضلعي ۾ 2018ع جي اليڪشن جي نتيجن تي نظر ڪنداسين ته ڪافي حد تائين ايندڙ اليڪشن 8 فيبروري 2024ع جي ڪهاڻي سمجهه ايندي.  اين اي 218 ميرپورخاص تي آزاد اميدوار سيد علي نواز شاهه جنهن جو چونڊ نشان ‘‘تالو‘‘ هو 75795 ووٽ حاصل ڪري پهرين پوزيشن ماڻي هئي. سندس مقابلي ۾ پ پ پ اميدوار حسن شاهه جيلاني 67552 ووٽ کنيا هئا پي ٽي آئي اميدوار سيد ممتار علي شاهه جيڪو سيد قربان علي شاهه جو فرزند آهي 8869 ووٽ کنيا ۽ ايم ڪيو ايم پاران سنجي پارواڻيءَ فقط 4985 ووٽ کڻي سگهيو اهڙي طرح اين اي 219 ڊگهڙي، ڪوٽ غلام محمد تڪ تي پي پي پي اميدوار مير منور علي ٽالپر 105952 ووٽن سان ڪاميابي ماڻي ٻي نمبرتي جي ڊي اي پاران ارباب غلام رحيم 51208 کنيا هئا ۽ آزاد اميدوار علي نواز شاهه 9752 ووٽ حاصل ڪيا. اهڙي طرح باقي  6 آزاد اميدوار ۽ پارٽين جي ٽڪيٽ هولڊرن چند هزار ووٽ کڻي سگهيا هئا.

جڏهن وري صوبائي سيٽن جي نتيجن کي ڏسنداسين ته پي ايس 47 ميرپورخاص سٽي تي پ پ پ اميدوار هري رام 33544 ووٽ، ايم ڪيو ايم جي مجيب الحق 23700 ووٽن سان ٻيو نمبر امتياز علي شاهه (آزاد) 12312 ووٽ ۽ راجا عبدالحق 5662 ووٽ کڻي هارائي ويا هئا. ائين پي ايس 48 تي سيد ذوالفقار شاهه کي 38097 ووٽ ۽ ٻي پوزيشن آزاد اميدوار سيد علي نواز کي 36241 ووٽ ڏيکاريا ويا. ساڳي طرح پي ايس 49 ڪوٽ غلام محمد تي آزاد اميدوار شجاع محمد شاهه 32057 ووٽ ۽ نور احمد ڀرڳڙي پ پ پ اميدوار 52953 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو هو. اهڙي رزلٽ پي ايس 50 ڊگهڙي جي هئي. جتان جي ڊي اي اميدوار عنايت الله ارباب 27545 ووٽن سان هارايو هو ۽ پ پ پ جو مير طارق ٽالپر 50119 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي هئي ۽ قومي اسيمبليءَ جي عورتن واري مخصوص سيٽ شميم آرا پنهور کي ملي هئي.

هاڻوڪي اليڪشن 8 فيبروري 2024ع ۾ ضلعي ميرپورخاص جي کاتي ۾ 16 لک 75 هزار 902 ماڻهن جي آبادي ڳڻايل آهي ڪُل رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 8 لک 65 هزار 144 آهي جنهن ۾ مرد ووٽرن جو تعداد 4 لک 61 هزار 602 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 4 لک 3 هزار 798 آهي. هن ضلعي ۾ 2 قوميءَ جون سيٽون اين اي 211 ۽ اين اي 212 تڪ آهن. جڏهن ته صوبائي اسيمبلي لاءِ چار تڪ پي ايس 45، 46، 47 ۽ 48 آهن هن ڀيري پهريون دفعو اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جو فرزند اسد جوڻيجو مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي بيٺو آهي جيڪا جي ڊي اي جي اتحادي آهي. سابق ايم اين اي سيد علي نواز شاهه پڻ ساڳي سيٽ تي آزاد اميدوار آهي ۽ پ پ پ پير آفتاب حسين جيلانيءَ کي ٽڪيٽ ڏني آهي هوڏانهن مذهبي پارٽين سان تعلق رکندڙ علماءَ ڪائونسل متفقه طور آزاد اميدوار علي نواز شاهه جي حمايت ڪئي آهي. چونڊن ۾ جڏهن آخري هفتو رهندو ته صورتحال واضح به ٿيندي ۽ ضلعي ميرپورخاص جو عوام بهتر فيصلو ڪري سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.