8 فيبروري تي اوهان جي قسمت اوهان جي هٿن ۾ هوندي

عبدالرئوف فاروقي

هر انسان چاھيندو آ ته مان خوشحال ٿيان، منھنجو ڪاروبار ترقي ڪري، منھنجا ٻچا سکيا ٿين، اھي سٺي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪن گڏوگڏ انھن جو بھتر صحت ۽ سلامتي سان وقت گذري، ھن معاشري مان افراتفري جو ماحول ختم ٿي وڃي، ھرڪو پنھنجي ٻچڙن سان پنھنجي اجھي ۾ محفوظ رھي، لاقانونيت جي پاڙ پٽجي وڃي، داداگيرن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، مريضن جو علاج ٿئي، سڪ ۽ محبت قائم دائم هجي، ھر طرف سوجھرو ئي سوجھرو هجي، ڪو به غير محفوظ نه ھجي، هر ڪو بنا خوف خطري جي شاندار زندگي گذاري ته پوءِ اچو ته ان عزم کي ورجايون ته 8 فيبروري منهنجي ڪاميابي جو ڏينھن بڻجي پوي.

يقينن ووٽ کي وڏي طاقت آھي ۽ طاقت مان لاڀ حاصل ڪرڻ سياڻن ماڻھن جو ڪم آھي، پنھنجي ووٽ جو قدر ڪجي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ 5 سالن تائين اوهان جو مستقبل يا ته محفوظ ھٿن ڏانھن منتقل ٿي ويندو يا اوهان پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي ويھندا، اھي ماڻھو جيڪي اليڪشن کان اڳ ووٽ جي خيرات وٺن ٿا سي وري عوام سان ملڻ ۽ ڳالھائڻ به پسند ڪو نه ڪندا آھن، تنھن ڪري دوکي ۾ اچي نه وڃو پر  ھوشياري کان ڪم وٺندي دوکي جي ان ديوار کي 8 فيبروري تي ڊاھي ڪوڙن ۽ لٽيرن مان جان ڇڏائي ڇڏيو ته جيئن ھي ماروئڙا ۽ ھي وطن خوشحال ٿئي، جيئن سچ ڪوڙ کي ھارائي ڇڏي، جيئن انھن عيش پرستن کي به خبر پئجي وڃي ته بک، بيروزگاري ۽ بدحالي ڇا ٿيندي آ!!؟

 پنھنجي تدبير سال تقدير بدلايو، ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو، الله پاڪ پنھنجي ڪلام مقدس ۾ فرمائي ٿو ته “سچن جو ساٿ ڏيو” 8 فيبروري تي پنهنجي گھرن مان نئين عزم سان نڪري اچو ته جيئن حق ۽ سچ جي فتح ٿي وڃي، ته جيئن ڏتڙيل عوام سک جو ساھ کڻي، ته جيئن بنيادي سهولتن کان محروم نه ٿي وڃئون، ته جيئن لٽيرا ڪامياب نه ٿي وڃن، گھران نڪري ووٽ جو صحيح استعمال بنا خوف ۽ خطري جي ڪيو، پنهنجي دل تي هٿ رکي سوچيو ته هي هڪ مهيني يا هڪ هفتي جو سودو ناهي پر ايندڙ پنجن سالن تائين اسان جي تقدير جو سودو آ، ايئن نه ٿئي جو لمحي جي خطا جي ڪري صدين جي سزا نه ملي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو!؟ پوءِ ته پنهنجي ان قسمت تي روئي به نه سگھبو، تنهنجي ووٽ جي صحيح استعمال سان هاري خوشحال ٿيندا، سنڌ مهڪي پوندي، ماڻهن جي چهري تي مسڪراهٽ سجندي، بيروزگارن کي روزگار ملي پوندو، مهانگائي ختم ٿي ويندي، تنهنجا ٻچا سک جو ساھ کڻندا، صحت ۽ صفائي تي ڌيان ڏنو ويندو، هر طرف هڳاءٌ ٿي ويندو، عورتن جي حقن جي پاسداري ٿيندي، مريضن جو صحيح علاج ٿيندو، ڪير ڪنهن سان ظلم ۽ زيادتي نه ڪري سگھندو، بيگناھ قيدي آزاد ٿي ويندا، ڏوهه گھٽجي ويندا، لوڊشيڊنگ جو تدارڪ ٿيندو، علم جا رستا سڀني جي لاءِ آسان ٿي پوندا، اقليتن کي احترام جي نگاھ سان ڏٺو ويندو، عوام کي بيشمار فائدا ملندا، ظلم جو حساب ٿيندو، پاڪستان خوشحال ٿيندو، ملڪي سالميت تي ڪوئي آڱر نه کڻي سگھندو، پر جيڪڏهن ووٽ جو صحيح استعمال نه ٿيو ته سچ هارائي ويندو، ووٽ جو غلط استعمال ٿيو ته اها ڪوڙ جي فتح آ.

مان عوام کي اها اپيل ٿو ڪيان ته پنهنجي ووٽ جو قدر ڪيو، ووٽ جي اهميت کي سڃاڻي پاڪستان ۾ اها تاريخ رقم ڪريو ته اسين ڪنهن جا غلام نه آهيون پر آزاد ۽ روشن خيال ماڻهون آهيون، ووٽ صرف ملڪي سالميت لاءِ، ديس جي خوشحالي لاءِ، ڪوڙن جا ڪوٽ ڊاهڻ لاءِ ۽ ٻچن جي روشن مستقبل خاطر صحيح فيصلو ڪري ڏجو، ھي امانت آهي امين ٿجو ڪاميابي اوهان جي دروازي تي دستڪ ڏيندي، اسان صرف اهو چاهيون ٿا ته حقدارن کي حق ملي، بدديانتي ۽ بدعنواني ختم ٿي وڃي، ڪمزور ڪمزور نه رھي ڏاڍو ڏاڍو نه رھي، فقيرن ۽ مزدورن جي به سار لڌي وڃي، حاڪم محڪومن تي ظلم نه ڪن، عدالتن مان انصاف ملندو رهي، درسگاهون آباد رهن، ڪوڙي سياست ختم ٿي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.