ٻيو پاسو

شازيه مظهر

سارا ۽ مال ۾ گھمندي لاڳيتو ڪنھن ماڻھوءَ جي نظرن جي عتاب ۾ ھئي. ھو ماڻھو  سٺ ورھين جو خوش لباس ۽ ريٽائرڊ آفيسر پئي لڳو.

ظفر ! ھي پوڙھو مسلسل مون ڏي نھاري پيو، مون کان هاڻي برداشت نه پيو ٿئي.

ڪھڙو پوڙھو ؟ ظفر ڪاوڙ وچان پڇڻ لڳو .ھو سامھون گري ڪوٽ ۽ بليڪ پينٽ ۾ ڪيمبرج جي شاپ تي بيٺو آهي پر نظرون مون ڏانهن اٿس.

سارا ! اوهان عورتون به سچ پڇ ته عجيب آھيو. بس اوهان کي لڳندو آهي ته اوهان ڪو حور پري آھيو ۽ ھر ڪوئي اوهان ڏي ٿو نيھاري. ٿي سگھي ٿو ھو ڪنھن جو انتظار ڪندو ھجي ھن ڪري ھو ھن پاسي ٿو نھاري.  نه ظفر ھو مونکي ھيٺان گروسري کان follow ڪندو پيو اچي ۽ ھاڻي منھنجي پويان مٿي به چڙھي آيو آهي ۽ ھڪ ڳالھه توکي ٻڌائي ڇڏيان ته اسان عورتن کي ڪا خوش فھمي ڪونھي ته ھر مرد اسان کي ٿو نھاري پر ھا اسان عورتون ھي خوبي ضرور رکون ٿا ته اسان کي پاڻ تي پيل نظر جي خبر پئي ويندي آهي. اسان جلدي محسوس ڪري ويندا آھيون ته ڪير اسان ڏي نھاري ٿو.

واھ مڃي ورتو اوهان جي خوبيءَ کي پر ھاڻي ٻڌاءِ ته ھن پوڙھي جو ڇا ڪيان، وڃي سسيءَ مان جھليانس ته منهنجي سھڻي زال کي ڇو ٿو ڏسين؟

نه ڇڏينس، انھن پوڙھن جي عادت ھوندي آھي. ھي ريٽائرڊ آفيسر سڄي زندگي عياشيون ڪندا آهن ۽ ريٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ  سندن زالون کين گھر ۾ برداشت ناھن ڪنديون پوءِ  ھي ٻاھر نڪري دل خوش ڪندا آهن. وڏا ڪنا ھوندا آھن ھي پوڙھا.

ائين چئي ھي ٻئي زال مڙس فوڊ ڪورٽ ڏانهن روانو ٿيا آرڊر ڏئي جيئن ويٺا ته اهو پوڙھو به انھن جي ڀر واري ٽيبل تي ويٺل نظر آيو. ظفر ڏس ھي پوڙھو اسان جي پويان ھت به اچي ويو. سارا ڇڏينس اگنور ڪرينس، ھي پوڙھا اڇي مٿي ۾ اچي خراب ٿيا آهن. اسان پنھنجو مزو خراب ڇو ڪيون، ڀلي پيو ڏسي، مونکي فرق نٿو پوي، تون به ڌيان نه ڏنس.

فوڊ ڪورٽ مان برگر کائي ھو جيئن ھيٺ لھڻ لڳا انھن کي محسوس ٿيو ته ڪير انھن جي پويان اچي پيو پر انھن وري به کيس نظر انداز ڪيو.  سارا اسان جو شڪ درست نڪتو. ھو پوڙھو اسان جي پويان ھيٺ به لھي آيو آهي.

شل ڪا مار پويس، قبر ۾ پير اٿس ۽ وري ڪم ڏس. سڄي مال ۾ بس آئون ملي مانس حور پري، جو مون تان نظرون نه پيو ھٽائي.  سارا، سڄو ڪارو منھن سوشل ميڊيا ڪيو آھي ٻار توڙي پوڙھا اچي خراب ٿيا آهن. ڪو ڪم ڪونھي بس سڄو ڏينهن سوشل ميڊيا تي الائي ڇا ڇا ويٺا ڏسن.  خير ڇڏينس ھن پوڙھي اسان جو اڄ جو ڏينهن ئي خراب ڪري ڇڏيو ھل ته ھلون ھاڻي گھر .

جيئن ھو ڪار پارڪنگ ايريا ۾ وڃڻ لڳا اهو پوڙھو سھڪندو انھن کي فالو ڪندي ھتي اچي پھتو پر ھن دفعي ته ھن حد ڪري ڇڏي. ھن موبائل مان سارا جي ويڊيو ٺاھڻ شروع ڪري ڇڏي جنھن تي سارا وڏي شاڪ مان ظفر کي ڏسيو ته ڏس ھي پوڙھو ڇا ٿو ڪري.

سارا بس، ھاڻي آئون بلڪل لحاظ نه ڪندم ايئن چئي ظفر ڪاوڙ مان ھن پوڙھي ڏي وڌيو ۽ ھٿ مان موبائل کسي پٽ تي ڦٽي ڪرڻ لڳو پر پوڙھي جي ھٿن ۾ ڪرنٽ جيان طاقت اچي وئي ۽ ھن موبائل ڪرڻ کان بچائي ورتي.

نه پٽ خدا جي واسطي منهنجي موبائل کي نقصان نه رسائجان.

پوڙھا ھن موبائل ئي توکي ھن عمر ۾ خوار ڪري پيو. پرائين ماين کي تنگ ٿو ڪرين شرم نٿو اچي. ڪجهھ ته خيال ڪر.  پرائي مائي وري ڪھڙي ؟

پوڙھو ڏک ۽ جرت مان پڇڻ لڳو.

ڏس شرم ناھيس چوي ٿو پرائي مائي وري ڪھڙي. تون منهنجي زال کي مسلسل مال ۾ follow ڪندو پيو اچين وري بي شرمي ڏس.

ھيءَ ڪا پرائي مائي ناھي ھيءَ ته منهنجي پنھنجي آھي.

ڇا ڇا ٿو چوين، ھيءَ تنھنجي پنھنجي آھي. ڏس تنھنجي عمر جو خيال ٿو اچي نه ته ختم ڪري ڇڏيان توکي.

سارا ھي چوي ٿو ته هيءَ منهنجي پنھنجي آ . نه ظفر الائي ڪير آهي، سارا به منجهي پئي.  بابا تون منهنجي پيءُ جي جاءِ تي آھين توکي شرم نٿو اچي اھڙا لفظ ٿو ڳالهائين.

وري چئو مونکي ”بابا“ ھن لفظ لاءِ منھنجا ڪن آتا ھيا، پٽ وري چئو مونکي بابا .

گوڙ جي ڪري ھن جاءِ تي رش ٿي پئي ھئي ۽ ماڻھن کي هونئن به تماشو يا جھيڙو وڻندو آھي. اتي بيٺل ھڪ مائي چوڻ لڳي ته بابا ھاڻي ڊڄي ويو آهي ۽ مائي کي ڌيءُ ٿو چوي، وڏو ڊرامي باز آھي.

اھي لفظ ھن پوڙھي ٻڌي ورتا ۽ ڪاوڙ ۾ پنھنجي موبائل تان لاڪ ھٽائي گيلري ۾ وڃي تصوير ڪڍي ھن مائي کي ڏيکارڻ لڳو ته هاڻي ڏسي ٻڌاءِ ته ھيءَ تصوير ھن جي ڇوڪري جي ناھي. مائي حيرت وچان منھن ۾ آڱريون وجھڻ لڳي ٿي ھا اھا تصوير ته ھن ڇوڪريءَ جي ئي آھي.

ظفر ڪاوڙ مان موبائل ھن جي ھٿ مان ڦري ڏسڻ لڳي ٿو ۽ وڏي تڪليف مان سارا جي طرف نھاري ٿو. سارا به پريشان ٿي ھن جي ھٿ مان موبائل وٺي تصوير ڏسي ٿي پر چوي ٿي ته بابا ھيءَ تصوير منهنجي ناھي. ھا پٽ تصوير بلڪل تنھنجي ناھي ھيءَ تصوير منهنجي ڌي صنوبر جي آھي جيڪا نيڻ نقشن ۾ سڄي توسان ملي ٿي. ھن کي مونکان وچڙي سال ٿي ويو آهي. ھوءَ ۽ آئون ھر ويڪ اينڊ تي ھن مال ۾ شاپنگ لاءِ ايندا ھياسين ھو ڪڏھن شاپنگ ڪندي ته ڪڏھن وري صرف ونڊو شاپنگ ۽ آئون رڳو ھن ڏي نھاريندو ھيم جيئن پٽ اڄ توکي نھاري رھيو ھيس، مونکي لڳي پيو ته منهنجي صنوبر واپس اچي وئي آھي ۽ پنھنجي ور سان شاپنگ ڪري رھي آھي. صنوبر منهنجو اڪيلي اولاد هئي. ھن کي ڏسي آئون ۽ منهنجي گھر وارا جيئندا ھئاسين. منهنجي گھر واري تي ھن صدمي ۾ بيمار ٿي بستر تي لڳي وئي پر آئون پنھنجي صنوبر کي انھن رستن ۽ انھن جاين تي اڄ به ڳوليندو رھندو آھيان جنھن تي ھوءَ ۽ آئون گھمندا ھئاسين.  جڏھن مون توکي ڏٺو ته دل گھري ته توڏي اچان ۽ صنوبر چئي مٿي تي ھٿ رکان پر تنھنجي شڪي نظرن مونکي اهڙو قدم کڻڻ کان پئي روڪيو. پر توکي ڏسڻ جي سواءِ  رھي به نه پيو سگھان. مونکي ماڻھن جا گندا گندا جملا به ٻڌڻا پيا. ھڪ مائي چوي پئي ته پوڙھو پنهنجي عمر نٿو ڏسي ۽ ڌي جيڏيءَ کي نھاري پيو. ھڪ ڇوڪرو پنهنجي گرل فرينڊ کي اردو ۾ چوي پيو ته ”ديکو اس ٺرڪي بڊهي کو“ پر اکين ۾ ڳوڙھا کڻي آئون پوءِ  به   توکي ڏسندو رھيم.

ھيءَ ڪھاڻي بظاهر ھڪ پوڙھي پيءُ جي  پنھنجي مري ويل ڌي لاءِ پيار جي آهي پر اسان به ھڪ اھڙي سماج جو حصو آھيون جتي حقيقت کي نظر انداز ڪري رڳو شين جو ھڪڙو رخ ڏسندا آهيون. اسان ظاھري ڳالھين يا واقعن کي ھڪ ئي اينگل سان ڏسي ان تي بنا سوچڻ سمجهڻ جي راءِ جوڙي ڇڏيندا آهيون. تصوير جو ھڪ رخ ڏسي بحث مباحثا ڪندا آھيون ۽ پنھنجي راءِ  عامه ٺاهي ڇڏيندا آهيون. ھن ٻي شادي ڇو ڪئي بس ان ڳالھه کي سامھون رکي ٻي شادي ڪندڙ کي گاريون ملامتون ڪندا آھيون. اھو سمجھڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا آھيون ته ان جي پويان ڪھڙا سبب ھيا. ھوءَ ڇوڪري ڇو گھر مان ڀڄي وئي ڇو ته ھوءَ خراب ھئي ھن کان علاوه ٻيو اسان سوچيندا ئي ناھيون. هن وڏو غبن ڪيو ڇو ته هو ھڪ گنھگار ماڻھو ھيو ھن کي لالچ ھئي. پر ھن کي اھا لالچ ڇو پيدا ٿي اھڙا ڪھڙا محرڪ ھيا اھو اسان جي مٿي سُور ڪونھي. پي پنھنجي ٻارن کي ماري ڇڏيو ڇو ته سنگدل ھيو، ھرگز نه. ھن کي ان عمل لاءِ ڪنهن ته مجبور ڪيو ھوندو. نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي ڇو ته ھو بزدل ھيو. کيس بزدلي جي عمل تائين پھچڻ لاءِ ڪيترن بھادر ماڻھن سان وڙهڻو پيو ھوندو.  ڪنھن به حتمي ڳالھه تي پھچڻ يا ڪا به راءِ  ڏيڻ کان اڳ ضروري آهي ته شين جا يا واقعن جا ٻئي رخ ڏسو پوءِ  پنھنجي قيمتي راءِ  کان آگاھ ڪيو. نه ته ھڪ ڏينھن  ھڪ  ٻئي تي الزام تراشيون ڪري ڪري سڄي سماج کي ھن پوڙھي جيان ٺرڪي بڻائي ڇڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.