پي ايف يو جي پاران ميڊيا تي پابندين خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ( پي ايف يو جي ) طرفان سکر جي قتل ٿيل صحافي جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاري، رياست طرفان پريس مٿان اڻ اعلانيل پابندي، ميڊيا جي ادارن مان صحافي ڪارڪنن جي ڇانٽين، امت، نيوز ون چينل سميت ٻين ادارن ۾ صحافين جي پگهارن جي عدم ادائيگي خلاف ملڪي سطح جي احتجاج تي خميس ڏهاڙي ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ( ڪي يو جي ) جي ايڊهاڪ ڪميٽي طرفان ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ احتجاجي ڪئمپ هنئي وئي. ان موقعي تي پي ايف يو جي اڳواڻ مظهر عباس خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ پريس ڪمزور ۽ آزاد نه هوندي ته جمهوريت به طاقتور ۽ خودمختار نه ٿي سگهندي، افسوس ته ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين جا فيصلا انهن جي پنهنجن تنظيمي هيڊڪوارٽرن بدران ٻين ادارن جي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ٿي رهيا آهن، ۽ هر سياسي پارٽي جي حڪومت جي دور ۾ صحافين تي تشدد ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻي رياست جا جاسوسي ادارا ظاهر ظهور صحافين جي قتل، تشدد ۾ ملوث آهن، جيڪڏهن اهو رويو ختم نه ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ جي حالت اڃان به خراب ٿيندي. پي ايف يو جي، جي مرڪزي خزانچي لالا اسد پٺاڻ چيو ته اسلام آباد وارن اٽڪل 449 صحافين ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي انهن جي پنهنجي خيال پيش ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چونڊن کان اڳ گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو ويو ته ان جا نتيجا خراب نڪرندا  ان موقعي تي پي ايف يو جي اڳواڻن خورشيد عباسي، سردار لياقت ڪشميري، جاويد چوڌري، امتياز فاران ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته جان محمد مهر ۽ ٻين قتل ٿيل صحافين جي قاتلن جي گرفتاري، پريس مٿان پابندين ۽ ادارن مان صحافي ورڪرن جي ڇانٽين ۽ پگهارن جي عدم ادائيگي خلاف چونڊن بعد نئين سر جدوجهد جو آغاز شروع ڪيو ويندو  ٻي طرف اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد، ايم ڪيو ايم اڳواڻ راشد ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پي ايف يو جي، احتجاجي ڪئمپ تي پهچي صحافين سان پنهنجي يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جان محمد مهر جا قتل گرفتار ڪري ، ميڊيا جي ادارن مان صحافين جي ڇانٽي بند ڪرائي انهن جون سالن ۽ مهينن کان رڪيل پگهارون ڏياريون وڃن، ڊمي اخبارن ۽ پگهارون نه ڏيندڙ ادارن جا سرڪاري اشتهار ۽ ادائيگيون روڪيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.