ڪراچي (رپورٽر) سينٽرل جيل ۾ موجود دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پراسيڪيوشن ۽ سي ٽي ڊي جي هڪ ٻي ناڪامي سامھون اچي وئي، چوڌري اسلم قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل پابندي مڙهيل تنظيم جا جوابدار هاءِ پروفائل ڪيسن مان بري ٿي ويا، ڪورنگي مهراڻ ٽائون مان پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جي اهم جوابدار جي گرفتاري ۽ وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿ، سي ٽي ڊي اختياريون 2000 ڪلوگرام کان وڌيڪ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ جو الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، عدالت ڌماڪيدار مادو، پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ ملوث پابندي مڙهيل تنظيم جي چئن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، بري ڪيل جوابدارن ۾ ظفر عرف سائين، قاري جاويد، محمد وزير ۽ سيد حسان علي شامل آهن،2017ع ۾ ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي سليپر سيل نيٽ ورڪ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.