پيرا شوٽ ذريعي ڪير هيٺ لهي اچي ته اهو چونڊجي سگهي ٿو:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ غير چونڊيل ماڻهن  کي ميئر ۽ چيئرمين چونڊرائڻ واري قانونسازي خلاف حافظ نعيم الرحمان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن ميئر جي ڪاميابي جو مشروط نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، ڪيس کي جلد اڪلايو وڃي ته جيئن ميئر ڪراچي جي مستقبل جو فيصلو ٿي سگهي، وڪيل چيو ته ترميم ٿيل قانون موجب غير چونڊيل ماڻهن کي سڌو سنئون ميئر جي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، چيف جسٽس عقيل عباسي چيو ته مطلب پيراشوٽ ذريعي ڪير هيٺ لهي اچي اهو چونڊجي سگهي ٿو، عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري ڪندي درخواست تي جلد ٻڌڻي لاءِ جواب طلب ڪري ورتو آهي،  جماعت اسلامي ميئر جي چونڊ کان اڳ مڪاني ادارن واري قانون ۾ ترميم کي چئلينج ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.