ڪارونجهر جي تحفظ جي ڳالهه ڪندڙ بيوقوف آهن،سنڌ واسي هوش ڪن:صوبائي وزير

ڪراچي(رپورٽر)ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ جو جواز ڪهڙو آهي؟ معدنيات وارو صوبائي وزير خدا بخش مري پاڪ ڪتاب پريس ڪلب کڻي پهچي ويو،هن قسم کڻي چيو ته اسان معدنيات ذريعي دبئي کان به اڳتي نڪري وينداسين.هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته موبائيل فون ڪيئن ٺهي ٿو ۽ گاڏين جا ڦيٿا  ڪيئن ٺهن ٿا پر اسان نااهل آهيون جو اهي شيون ٻاهران گهرايون ٿا.هن مثال ڏنو ته سعودي عرب وٽ هڪ معدنيات هئي پر اسان وٽ عربن کان وڌيڪ آهي.هن وري به ڪارونجهر جي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته نوڪري جي طلب ۾ فقير  نه بڻجو، خودمختيار بڻجو.ملڪ ۾ ڪارخانا لڳندا پرڏيهه ۾ ايڪسپورٽ ٿيندي ته بيروزگاري ختم ٿي ويندي.معدنيات واري وزير عوامي آواز سان ڳالهائيندي  ڪارونجهر جو بچائڻ جي ڳالهه ڪندڙ سنڌ واسين کي بي وقوف قرار ڏنو ۽  واضح ڪيوته مندرن ۽ وائلڊ لائيف کي هٿ نه وجهنداسين پوءِ ڪارونجهرکي روڪڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟خدا بخش مري حڪمرانن کي نااهل قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ معدني وسيلن سان مالامال آهي پر انهن کي استعمال ڪري ترقي نه پيا ڪريون، مون کي ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ وزارت نه ملي آهي، وزارت کانپوءِ به آواز اٿاريندو رهندس، سياستدان، فوج ۽ بيوروڪريٽ عوام جي تقدير نه ٿا تبديل ڪري سگهن. معدنيات جي استعمال لاءِ اسان فيڪٽريون لڳائي هر شي پنهنجي ملڪ ۾ ٺاهي سگهون ٿا، اسان جا ماڻهو ۽ حڪمران عقلمند هجن ته معدنيات جي استعمال سان سنڌ کي سعودي عرب کان وڌيڪ ترقي يافته بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته  اسان وٽ سريو ۽ گاڏيون توڙي دفاع  لاءِ استعمال ٿيندڙ شيون ٺاهڻ واري معدنيات اسان وٽ موجود آهي پر ان جو استعمال نه پيو ڪيو وڃي، هن چيو ته ٿر جي ڪارونجهر ۾ جتي مسجد، مندر، وائلڊ لائف ۽ سينچري آهي اتي ڪٽائي نه ڪئي ويندي، ڪٿي به ڀڃڪڙي نه ڪئي ويندي،  ٿر جي ماڻهن جو ڪهڙو قصور آهي جو کين ترقي طرف وڌڻ نه پيو ڏنو وڃي، هن چيو ته فوج کي به خبر ناهي ته معدنيات ڇا آهي،  سياستدان، فوج ۽ بيوروڪريٽ عوام جي تقدير نه ٿا تبديل ڪري سگهن، عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته  قرآن پاڪ جو قسم، نوڪريءَ جي چڪر ۾ نه ڦاسو، اسان وٽ ايترا معدنيات آهن جو اسان دبئي ۽ ٻين ملڪن کان به اڳتي نڪري وينداسين، اسان ڄاڻون ٿا ته موبائيل ڪيئن ٺهي ٿو پر اسان نااهل آهيون، ٿر ۾ ته سڀ ڪجهه آهي ته پوءِ ٿر جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ڇو آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪارخانا لڳائي، پرڏيهه ۾ ايڪسپورٽ ڪريو، ملڪ مان بيروزگاري ختم ٿي ويندي،هن چيو ته عوام کي اپيل ڪيان تو ته حڪمرانن کان نوڪريون گهرڻ بجاءِ اهو مطالبو ڪن ته معدنيات کي استعمال ۾ آندو وڃي ،هن چيو ته سنڌ جي معدنيات استعمال نه ڪري اسان وڏي بي وقوفي ڪئي آهي، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو هوش کان ڪم وٺن، هن  چيو ته ڀلي منهنجي وزارت هلي وڃي پر سنڌ جي معدنيات بابت پنهنجي موقف تان هٿ نه کڻندس، ڪارونجهر  جي ورثو قرار ڏنل حصن کي ڇڏي ٻين هنڌن تان معدنيات ڪڍي سگهجي ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.