بلوچ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: جان اچڪزئي

ڪوئيٽا( ويب ڊيس ) بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته رياستي ادارن جي قدمن خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن  خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جان اچڪزئي چيو ته ڪجهه عنصر ٻاهرين سازشن جا آله ڪار بڻجي ويا آهن، رياستي ادارن جي عمل جي مخالفت ڪرڻ تي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته حڪومت ماهه بلوچ جي لانگ مارچ کي تحفظ فراهم ڪيو، ڪجهه عنصر اسلام آباد جي ڌرڻي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

تربت مان بلوچي زبان جو نوجوان شاعر کنڀجي ويو

تربت(م ڊ) تربت مان بلوچي ٻولي جو نوجوان شاعر کنڀجي ويو، مليل ڄاڻ موجب اربع جي رات 8 وڳي فورسز  افتخار ميڊيڪل سينٽر تربت مان قاسم ملار کي حراست ۾ وٺي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. قاسم ملار تربت جي هڪ خانگي اسپتال ۽ افتخار ميڊيڪل اسٽور ۾ ڪم ڪندو آهي،هو بلوچي زبان ۾ شاعري ڪندو آهي. واضح رهي ته بلوچستان ۾ جبري گمشدگين خلاف احتجاج جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.