اسلام آباد ميڙ وٺي وياسين،انصاف بدران مٿن تان پوتيون لاٿيون ويون: ماهه رنگ بلوچ

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ )جبري گمشدگين بلوچ نسل ڪشي خلاف لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جو اسلام آباد کان ڪوئيٽا پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ جي اڳواڻي ۾ بلوچستان يونيورسٽي ٻاهران وڏي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ماهه رنگ  بلوچ چيو ته جيئن اوهان هتي آهيو، تيئن 27 جنوري تي به پنهنجي اچڻ کي يقيني بڻايو.مان چوان ٿي ته سردارن، ميرن ۽ معتبرن اوهان ماڻهن کي ورهايو آهي، انهن خلاف متحد ٿي وڃو. هي اها ئي رياست آهي جنهن بنگلاديش ۾ عورتن سان ريپ ڪيو، ان کي نه وساريو. هنن اوهان جي ڀينرن جا روا لاهي، اسان جي خلاف گندي زبان استعمال ڪئي اسلام آباد اسان کي چيو ته اوهين بلوچ پنهنجي وطن وڃوهن چيو ته جڏهن اسلام آباد ۾ هئاسين ته اسان وٽ ڪجهه به نه هو، اسان سخت سرد حالتن ۾ ڌرڻي تي ويٺا هئاسين ۽ اهي اسان کي دهشتگرد چئي رهيا هئا،هنن صرف اسان کي دهشتگرد نه سڏيو، انهن سڀني بلوچن کي دهشتگرد سڏيو. اچو ته توهان کي ٻڌايان ته رياست جا دهشتگرد ڪير آهن، دهشتگرد توهان جا اهلڪار آهن، مان توهان جي ڀيڻ آهيان ۽ توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته پنهنجي گهرن مان ٻاهر نڪرو، توهان ڪيستائين لاش کڻندا رهندا ۽ اسان کي ڪيترو وقت انتظار ڪرڻو پوندو ته اهي اسان کي اسان جي گم ٿيل ماڻهن جا لاش ڏين؟هن چيو ته  غور سان ڏسو، اوهان جي وچ ۾ اوهان جون مائرون ۽ ڀينرون هٿ ۾ تصويرون کڻي بيٺيون آهن، جيڪي سندن پنهنجي اولاد جون نه پر بلوچ قوم جون آهن،هن چيو ته اسان تربت کان ميڙ کڻي اسلام آباد پهتاسين. اسان کي پهرين ڏينهن کان خبر هئي ته اسلام آباد اسان سان انصاف نه ڪندو. اسلام آباد اسان جي عظيم نواب نوروز خان سان انصاف نه ڪري سگهيو. اسلام آباد اسان جي 80 ورهين جي بزرگ نواب اڪبر خان بگٽي کي شهيد ڪيو. هي اهو ئي اسلام آباد آهي جنهن توهان جي عورتن جي مٿن تان پوتيون لاٿيون آهن، ان  ڳالهه کي دل مان ڪڏهن به نه وسارجو، بلوچو، جيڪڏهن توهان ماڻهو اهي ڳالهيون ياد نه ڪندا ته مائرون ۽ ڀينرون توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪنديون،جيڪڏهن توهان انصاف ڪرڻ چاهيو ٿا ته بلوچ جهاد جو ساٿ ڏيو. اسان جي جدوجهد بقا جي جنگ آهي،هن چيو ته  ڪجهه سرڪاري سردار دعويٰ پيا ڪن ته انهن ڌرڻو ماهه رنگ سان ڳالهائي ختم ڪرايو، اهڙن سردارن کي شرم اچڻ گهرجي جيڪي پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ڪوڙي دعويٰ پيا ڪن ،اسان زندانن ۾ قيد پنهنجي ڀائرن کي نه وسارينداسين،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.