گوهر اعجاز کي گهرو وزارت جو قلمدان به ڏنو ويو

اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، گوهر اعجاز کي گهرو وزارت جو قلمدان به ڏئي ڇڏيو.گوهر اعجاز کي نگران گهرو وزير بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، وٽس سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزارت جو قلمدان به  آهي،گوهر اعجاز گهرو وزارت پهچي باقاعده طور قلمدان سنڀالي ورتو، گهرو وزارت پهچڻ تي سينيئر اختيارين سندس آجيان ڪئي، واضح رهي ته سرفراز بگٽي جي استعيفيٰ کانپوءِ گهرو وزير جو عهدو خالي هو.

  • اقليتي حقن واري ڪميشن جي سربراهه جي گورنر سان ملاقات

ڪراچي(رپورٽر) گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان اقليتي حقن واري ڪميشن جي سربراهه شعيب سڊل گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن بابت مختلف معاملن تي خيالن  جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميشن جي سربراهه سنڌ جي گورنر کي اقليتن جي حقن بابت بنيادي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. گورنر سنڌ چيو ته اقليتي برادري پاڪستان جي ٺھڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان ۾ عيسائي، هندو ۽ سکن سميت سموريون اقليتون امن سان رهن ٿيون، کين هتي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اقليتن لاءِ دنيا جو محفوظ ترين ملڪ آهي، پاڪستان جو آئين به هر مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهوءَ جو بنيادي حقن جو تحفظ ڪري ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.