ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وري واڌ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اٺ فيبروريءَ تي ملڪ ۾ رٿيل عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل لاٿ کانپوءِ هن ڀيري نگران حڪومت طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جو چٽو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت طرفان 31 جنوري کان 15 فيبروريءَ تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ في ليٽر ست رُپيا واڌ جو امڪان آهي جڏهن ته قطعي فيصلو آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي ( اوگرا ) جي تجويز کانپوءِ ڪيو ويندو.
واضح رهي ته پيٽروليم شين جا اگهه آخري ڀيرو پهرين نومبر 2023ع ۾ وڌايا ويا هئا، جنهن کانپوءِ پيٽروليم شين جي قيمت ۾ مسلسل لاٿ ٿيندي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.