ڄامشوري ۾ سياسي سرگرميون تيز، اميدوارن جي ورڪ ڪرڻ تي بلدياتي نمائندن کي نوٽيس جاري

ڪوٽڙي ( رپورٽر نويد راجپوت ) ڄامشوري ضلعي ۾ چونڊ مهم دوران ظابطا اخلاق جي ڀڃڪڙيءَ تي يوسي چيئرمين، ميونسپل وائس چيئرمين سميت 5 ڪائونسلر کان جواب طلب ڪيو ويو آهي.
ضلعي مانيٽرنگ سيل ڄامشورو پاران يوسي سنڌ يونيورسٽي جي چيئرمين عاقب ميمڻ، ميونسپل ٻولهاڙي جي وائس چيئرمين منٺار خاصخيلي ۽ ڄامشوري ٽائون جي پنجن ڪائونسلرن سيد اصغر شاهه، لال صمد پٺاڻ، ارشد علي سهتو، غلام شبير بليدي ۽ غلام شبير چانڊيو کان صوبائي تڪ پي ايس 78 ۽ پي ايس 79 تي پ پ اميدوارن جي اليڪشن ورڪ ڪرڻ جر الزام ھيٺ کين جواب طلبي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي کانئن لکت ۾ جواب طلب ڪيو ويو آهي.
چونڊن ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ستن ئي چونڊيل نمائندن کي اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر جي آفيس ۾ اڄ جواب طلبي لاءِ سڏايو ويو.
ڄاڻايل چونڊيل نمائندن خلاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي شڪايتي پورٽل وسيلي درخواست ملي جنهن تي فوري طور ايڪشن ورتو ويو اهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.