توشا خانا ڪيس: عمران خان لطيف کوسي کي هٽائي نئون وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ پنهنجي وڪيلن لطيف کوسي ۽ شهباز کوسي کي تبديل ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي توشا خانا، 190 ملين پائونڊ ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عمران خان عدالت جي ڪمري ۾ ئي موجود هو.
عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ پنهنجي وڪيلن لطيف کوسي ۽ شهباز کوسي کي تبديل ڪري سندن جاءِ تي سڪندر ذوالقرنين ۽ سلمان صفدر کي وڪيل مقرر ڪيو آهي.
سڪندر ذوالقرنين ۽ سلمان صفدر 27 جنوري تائين وڪالت نامو جمع ڪرائڻ جي مهلت گهري جنهن تي عدالت توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي 27 جنوري ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ٻڌڻي بشريٰ بي بي جي غير موجودگي سبب ملتوي ڪئي ۽ کيس 30 جنوري تي پيش ٿيڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
ان کانسواءِ 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي جڏهن ته جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون ڏنيون ويون ۽ عدالت فرد جرم لاءِ ڇهه فيبروري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اِها خبر سامهون آئي هئي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ لطيف کوسي جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.