نواز ۽ زرداري جا ڪيس به روز ٻڌا وڃن ته جيئن جلدي ڪم مڪمل ٿئي: عمران خان جو جج سان مڪالمو

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج سان مڪالمو ڪندي چيو ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جا ڪيسز به روز ٻڌا وڃن ته جيئن جلدي ڪم مڪمل ٿئي.
190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان احتساب عدالت جي جج محمد بشير سان مڪالمو ڪندي چيو ته توشا خانا ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري کي 13 فيبروري جي تاريخ ڏني وئي، مان روز ٻڌندو آهيان ته مون تي ڪيس مٿان ڪيس ٺاهيا پيا وڃن.
عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جا ڪيسز به روز ٻڌا وڃن ته جيئن ڪم جلد مڪمل ٿئي، اٺ سال پراڻو ڪيس 13 فيبروري تي رکيو ويو آهي، چار سال پراڻي ڪيس جي روز ٻڌڻي ٿي رهي آهي.
پراسيڪيوٽر چيو ته اڃا اسان جا شاهد ٿيڻا آهن، کانئن آڏي پڇا ٿيڻي آهي، استدعا آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي رکو جڏهن ته صفائي وارن وڪيل طرفان ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ باني جج کان استدعا ڪئي ته وڪلين سان صلاح مشوري جي اجازت ڏني وڃي، بشريٰ بي بي جي اچڻ ۽ وڃڻ بابت ڪا ڄاڻ ناهي، جيل اندر سخت سيڪيورٽي آهي، هڪ ڪاغذ آڻڻ به مسئلو آهي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون ڏنيون ويون آهن، فرد جرم لاءِ ڇهه فيبروريءَ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.
ي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.