تڪ ۾ ٻوڏ متاثرن کي 14 هزار گهر ٺهرائي ڏيون پيا: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد (پ ر) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران  پي ايس 61 جي لاءِ نامزد ڪيل اميدوار شرجيل انعام ميمڻ جو تعلقي ٻهراڙي جي يو سي حيدر  شاھ آبڙي ۾ پاور شو،يوسي حيدر شاھ آبڙي ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي ۾ ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن جي وڏي انگ ۾  شرڪت  اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  جلسي کي خطاب  ڪندي چيو ته اسان ڪڏهن به عوام سان اليڪشن جو رشتو ناهي رکيو پر سندن هر ڏک سک ۾ سندن ساٿي رهيا آهيون هن چيو ته اسان جا  دروازا عوام جي خدمت لاءِ هر وقت کليل رهيا آهن اسان پنهنجي خدمت جي عيوض عوام کان ووٽ گهرڻ آيا آهيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته برساتن ۾ ڳوٺ ٻڏا پيا هئا  جڏهن ته اسان پنهنجي هر ممڪن ڪوشش ڪري الله جي مدد سان برساتي پاڻي ڪڍرائي ڪيترائي ڳوٺ ۽ گهر بچايا آهن ۽ جن گهرن کي نقصان پهتو انهن جا گهر تعمير ڪرايا آهن. هن چيو ته هن تڪ ۾ 14 هزار کان وڌيڪ گهر ٺاهي ڏئي رهيا آهيون رڳو هن يوسي ۾ 500 کان وڌيڪ گهر ٺاهي ڏنا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته هن تڪ مان پوري پاڪستان کي نياپو ڏبو ته وڌ کان وڌ رڪارڊ ووٽ کڻڻا آهن پاڪستان ۾ ٻي ڪا به پارٽي ماڻهون جي دلن ۾ جاءِ نٿي ٺاهي سگهي هن ٻڌايو ته هن تڪ جي عوام 2018 ۾  جڏهن آئون جيل ۾ هئس ته به  مون تي ڀروسو ڪري مونکي ڪامياب ڪرايو هن وقت به مون کي پنهنجي تڪ جي ماڻهن تي پورو اعتماد آهي ته اهي مون مٿان پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪندي مونکي ٻيهر چونڊرائي خدمت جو موقعو ڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.