ٺاروشاهه ڀرسان 2 ڏينهن اڳ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان قتل

ٺارو شاهه (رپورٽ: تنوير قريشي) ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ ميوو خان سيال ۾ ٻه ڏينھن اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان عبدالجبار سيال ھٿيار بندن ھٿان گوليون هڻي قتل، رات جو دير سان ڳوٺ ميوو خان سيال ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان عبدالجبار سيال کي ٽن اڻڄاتل جوابدارن ڳوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏھن ته مقتول جي ڀاءُ امين سيال ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناھي، جڏھن ته مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر نيو ويو ۽ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته ايس ايڇ او ٺاروشاھ غلام شبير دلواڻي ٻڌايو ته لڳي ٿو ته واقعو ذاتي دشمني جو آھي، نوجوان پيار جو پرڻو نه پر ارينج ميرج ڪئي هئي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو جوابدار به گرفتار ناهن ٿي سگهيا، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آھي جلد جاوبدارن کي گرفتار ڪيو وينددو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.