ڪراچي ۾ ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، ماءُ ۽ ڌيءُ فوت

ڪراچي  (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽرالر هيٺان اچي موٽرسائيڪل سوار ماءُ ۽ ڌيءُ فوت ٿي ويون، جڏهن ته پيءُ ۽ 2 ٻار محفوظ رهيا، حادثي کانپوءِ مڇريل ماڻهن ٽرالر کي باهه لڳائي ڇڏي، پوليس ٿڏي تي پهچي مڇريل ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪيو، ڪورنگي ۾ هانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽرالر موٽر سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، حادثي ۾ موٽرسائيڪل ڪرڻ سان ٽرالر ماءُ ڌيءُ  جي مٿان چڙهي ويو، جڏهن ته پيءُ 2 ٻار معجزاڻي طور تي بچي ويا، فوتين ۾ عورتن ناديا ۽ 15 ورهين جي شمائلا شامل آهن، خاندان شادي جي تقريب تان موٽي گهر وڃي رهيو هو ته ڪورنگي نمبر ڏيڍ تي حادثي جو شڪار ٿي ويو، مڇريل ماڻهن حادثي کانپوءِ ٽرالر کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس موجب واقعي کان پوءِ ٽرالر جو ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشس ڪري رهيو  هو ته شهرين پڪڙي مٿس تشدد ڪيو ۽ پوليس جي  حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.