ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري 30 سالن کان ڪرائي تي رهندڙن کي 80 ۽ 120 گز جا پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪراچي گلستان جوهر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ مختلف هائوسنگ سوسائٽي وارن سان ڳالهائي ڇڏيو آهي. پهرين مرحلي ۾ 600 ڪراچي ۾ رهندڙن کي پلاٽ ڏينداسين، هن چيو ته منهنجي صوبي جا نوجوان پريشان آهن، پڙهيا لکيا ماڻهو رائيڊر بڻيل آهن. 16 سال پڙهي به بيروزگار آهن، حڪومت کي گهرجي ته انهن کي روزگار ڏئي، هن چيوته پهرين مرحلي ۾ 1700 موٽر سائيڪلون چوري ٿيندڙ متاثرن کي ڏنيون وينديون.