ڪراچي(رپورٽر) عام چونڊون 2024ع ۾ ڊيوٽي لاءِ ڪراچي ۾ سينيئر ڊاڪٽرن سميت سرڪاري اسپتالن جو پورو عملو طلب ڪيو ويو تفصيل موجب عباسي شهيد سميت ڪي ايم سي جي ۽ ٻين اسپتالن جو پورو عملو اليڪشن ڊيوٽي تي طلب ڪيو ويو آهي، سينيئر ڊاڪٽرن، آر ايم اوز ۽ ٻئي عملي کي اليڪشن تربيت لاءِ اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، عباسي شهيد اسپتال جي آءِ سي يو سميت سمورن شعبن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي گهرايو ويو آهي، عباسي شهيد اسپتال جا ڊاڪٽر ۽ عملو ڪياماڙي ضلعي ۽ اولهه ۾ اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر ٿيندو، ان حوالي سان عباسي شهيد اسپتال جي انتظاميا اليڪشن ڊيوٽي بابت ڪراچي جي ميئر کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي،