ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي 6 ضلعن جي سمورن پولنگ اسٽيشنون حساس يا انتهائي حساس قرار ڏنو ويو، ملير ۾ 562 پولنگ مان 383 حساس ۽ 179 انتهائي حساس، ڪورنگي جي 752 مان 582 کي انتهائي حساس ۽ ٻين کي حساس، جڏهن ته اولهه ضلعي جي سمورين 676 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو، سينٽرل ضلعي جون 655 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 6 انتهائي حساس، اوڀر ۾ 128 پولنگ اسٽيشنون نارمل، 311 حساس ۽ 471 انتهائي حساس، ڪياماڙي ۾ 251 ۽ ڏکڻ ۾ 279 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنون آهن، سنڌ حڪومت پولنگ واري ڏينهن مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.