ڪراچي، ڳجهي سرنگهه ذريعي ڊيزل جي چوري پڪڙي وئي، مل مالڪ گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ڪسٽمز انٽيليجنس ڪراچي ۾ پارڪو جي نان ڊيوٽي پيڊ زمين اندر لائن مان هڪ آئل مل ۾ سرنگ ٺاهي ڊيزل جي  چوري جو ڪيس پڪڙي ورتو، ڊائريٽ جنرل ڪسٽمز  فيض چڊهڙ جي هدايت تي  ڊائريڪٽر ڪسٽمز انٽيليجنس ڪراچي صبح جي وقت ڪارروائي ڪئي، ڪراچي مان وائيٽ آئل پائپ لائن جي ذريعي نان ڊيوٽي ڊيزل چوري ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو پئي وئي، ڳجهي اطلاع پاران ڪراچي ۾ شڪي صنعتي احاطي جي نگران ٿي رهي هئي، عملدارن موجب پورٽ قاسم  ويجهو کاڄرو تيل ڪڍندڙ مل جي انتظاميا چوري ۾ ملوث نڪتي، جتي ڪسٽمز انٽيليجنس اربع جي صبح 3 وڳي ڇاپو هنيو، ڊائريڪٽر ڪسٽمز انٽيليجنس موجب آئل مل جي اڱڻ ۾ 174 فٽ ڊگهي ڳجهي سرنگهه پڪڙي وئي، جنهن جي ذريعي  سفيد پائپ لان ڪڍي وئي هئي، هن ٻڌيو ته ڳجهي پائپ لائن مان نان ڊيوٽي پيڊ ڊيزل چوري ٿي رهي هئي. ڳجهي ڪارروائي ۾ اٽڪل 20 ملين رپين جو 65000 ليٽر ڊيزل  هٿ ڪندي مل جي مالڪ کي به گرفتار ڪيو ويو. عملدارن مطابق جاچ ڪري معلوم ڪنداسين ته هيءَ چوري ڪڏهن کان ٿي رهي هئي، آپريشن دوران حيرت انگيز انڪشاف ٿيو ته آئل مل جي انتظاميا ڳجهي سرنگهه ذريعي اڇي پائيپ لائين کي ٻاهر ڪڍيو. دريافت ڪيل ڳجهي سرنگ 174 فٽ ڊگهي آهي جتان ڊيزل چوري ڪيو ويندو هو. 20 ڪروڙ رپين جي ماليت جو 65 هزار ليٽر ڊيزل هٿ ڪيو ويو. آئل مل جي مالڪ کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.