ڪراچي ( رپورٽر ) اين اي 229 ن ليگ اميدوار قادر بخش ڪلمتي ، نهال هاشمي ۽ پير حفيظﷲ سرهندي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ جا اميدوار ۽ مقامي اڳواڻ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ پنهنجي پسند جي رٽرننگ آفيسرن ۽ عملي جي مقرري لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ روينيو عملدارن کي پنهنجي گهر گهرائي هدايتون ڏئي رهيا آهن، جنهن جو اليڪشن ڪيشن کي ترت نوٽيس وٺڻ گهرجي، هنن چيو ته نگران وڏي وزير کي پنهنجي غير جانبداري ثابت ڪرڻ لاءِ اڳوڻي پ پ حڪومت جي ڪمن جي ٽي وي ۽ اخبارن ۾ هلندڙ سرڪاري اشتهارن جو نوٽيس وٺي اهي بند ڪرايا وڃن هنن وڌيڪ چيو ته ملير ضلعي ۾ 15 سالن کان حڪمراني ڪندڙ پ پ ڪو به ترقياتي ڪم ناھي ڪرايو، قادربخش ڪلمتي چيو ته سهولتن جي کوٽ سان پيپلزپارٽي پنهنجو منشور وڃائي چڪي آهي، اسڪولن جي حالت خراب ٿي چڪي ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي هن وقت بوکلائجي وئي آهي، پيپلزپارٽي پنهنجي مرضي جا آر اوز مقرر ڪري رهي آِهي، اسان جي ووٽرز کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پابندي باوجود ملير ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن،