ڪراچي ۾ شهري مٿان اهلڪارن جو تشدد، 70 لک رپيا ڦر، عدالت ۾ رپورٽ جمع

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت سائوٿ ۾ ڪلاڪ  ٽاور ويجهو شهري تي تشدد ۽ 70 لک رپين جي ڦرلٽ ڪرڻ جي سوشل  ميڊيا تي خبر هلڻ واري ڪيس ۾ متاثر شهري جي درخواست تي ايس ايس پي جاچ آفيسر سائوٿ پيش ٿي ڪري انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، انڪوائري رپورٽ ۾ پوليس اهلڪارن جي اختيارن جي غلط استعمال ۽ شهري تي تشدد ثابت ٿي ويو، رپورٽ ۾ چيو ويو ته 26نومبر جو ڪلاڪ  ٽاورويجهو پوليس اهلڪارن دانش نالي شهري کان 70 لک رپيا ڦري ورتا، شهري جو چوڻ آهي ته تلاشي کانپوءِ مون کي صرف 25هزار واپس ڪيا، باقي رقم نه ڏيڻ تي شهري 15 تي ڪال ڪئي، پوليس اسٽيشن پهچڻ تي شهري کي داخل پراڻي ڪيس ۾ لاڪ اپ ڪيو ويو، پيٽرولنگ پارٽي  شهري سان بدتميزي ڪئي آهي، ٿاڻي ۾ ايس ايچ او جي موجودگي ۾ شهري تي تشدڪيو ويو، انڪوائري ۾ شهري جي حراست غيرقانوني قرار ڏني وئي، ساحل ٿاڻي جي حد ۾ پيٽرولنگ  پارٽي پاران شهرين کي هراسان ڪرڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي واقعا ٿي رهيا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايس ايڇ او جي بغير اهڙا واقعا ٿي نٿا سگهن، عدالت پوليس رپورٽ کانپوءِ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.