سائفر ڪيس: پراسيڪيوٽر ۽ شاهه محمود وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته جج صاحب جي  گارنٽي باوجود مون سان هٿ ٿي ويو، اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي روسٽرم تي آيو، هن چيو ته تصديق نه ٿيڻ تي اين اي 150، 151 ۽ پ پ 218 تان منهنجا ڪاغذ رد ٿيا، مان نامزدگي ڪاغذن جي تصديق   جو چيو ته جج صاحب چيو ته منهنجو حق نامو گڏ هڻي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جج صاحب حڪم نامي جي باوجود منهنجا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا، ان تي  جج ابو الحسنات ذوالقرنين چيو ته شاهه صاحب اسان قانوني طريقو پورو ڪ ري ڇڏيو هو، ان موقعي تي پراسيڪيوٽر جي ڳالهائڻ تي شاهه محمود قريشي کي مٺيان لڳي ۽ چيو ته مان  پنهنجي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، هن وچ ۾ ڇو ڳالهائي رهيا آهن، ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي ۽ پراسڪيوٽر رضوان  عباسي ۾ سخت ڏي وٺ ٿي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته تون مٿان لهي آيو آهين، توهان ڪير آهيو،  تنهنجي ڇا اوقات آهي، ان تي رضوان عباسي جواب ڏنو ته تنهنجي ڇا اوقات آهي، ان موقعي تي جج شاهه محمود قريشي کي ٿڌو رهڻ جي تلقين ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.