سوال ڪرڻ تي ويگو گاڏي ته نه اچي ويندي !

لاهور (عوامي آواز نيوز) لاهور جي هڪ هال ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم جي استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ جنرل نديم انجم استادن ۽ شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا آهن.
نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ان ملاقات جي خبر نامياري صحافي شاهد اسلم ٽوئيٽ ذريعي پڌري ڪئي آهي جنهن جي تصديق ۽ تفصيل اڃان اچڻا آهن، صحافيءَ ٽوئيٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هال ۾ عمران خان جي حق ۾ نعرا به لڳا ۽ تاڙيون به وڄايون ويون.
هڪ سوال ٿيو ته سوال ڪرڻ تي ويگو گاڏي ته نه ايندي. ان جي جواب ۾ جنرل نديم انجم چيو ته اوهان پنهنجا ماڻهو آهيو، کلي سوال ڪيو ڪابه ويگو گاڏي نه ايندي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ جنرل نديم انجم چيو ته سياستدان پاڻ رات جو اچي اسان جي گوڏن تي هٿ رکندا آهن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بلوچن جو ڌرڻو جلد ختم ٿي ويندو.
سوالن جوابن جو سلسلو اٽڪل ساڍا 3 ڪلاڪ جاري رهيو، صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ان ملاقات جا وڌيڪ تفصيل حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 24 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.