اليڪشن ڪميشن جي اي ايم ايس تجربي تي اسان کي خدشا آھن: نثار کهڙو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)  پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آھي ته 2018 ۾ اليڪشن ڪميشن جو آر ٽي ايس جو تجربو ناڪام ٿي چڪو آھي جنهن جو عوام ۽ ملڪ ساڍا چار سال ڀوڳيو آھي هاڻ اي ايم ايس جو تجربو ڪيو پيو وڃي جنهن تي اسان کي خدشا آھن ايم ڪيو ايم  پاران ڪراچي ۾ بينر هنيا ويا جنهن ۾ لکيل هو ته ڳوٺاڻن جو شھر تي قبضو نامنظور، ڪراچي ۽ سنڌ جهڙا تصب تي ٻڌل نعره ۽ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪيون پ پ اهڙن تعصب وارين ڳالهين تي يقين نه ٿي رکي، سنڌ جو عوام ۽ پ پ ڪڏھن به سنڌ جو ورهاڱو قبول نه ڪندي،  راشد محمود سومرو سنڌ ٽوڙڻ جا نعرا هڻندڙن سان گڏ بيٺو آھي، اهڙن خيالن جو اظھار هن اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ جي ضلعي صدر ميرمنور ٽالپر جي ميرپرخاص واري گهر ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ميرپورخاص واري دوري ۽ اليڪشن جي تيارين جي حوالي سان پارٽي اڳواڻن، اميدوارن ۽ ڪارڪنن سان گڏجاڻي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ھن چيو ته سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي  پر ھتي نوان گئس ڪنيڪشن نٿا ڏنا وڃن  ٻيڻو 400 رپيا اضافي صارفين کان ورتا پيا وڃن ان کان اڳ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي جي صدارت ۾ اجلاس معقد ٿيو، جنھن ۾ پ پ سان لاڳاپيل ايم اين اي  جي اميدوارن مير منور ٽالپر، پير آفتاب شاھ جيلاني، ايم پي ايز جي اميدوارن مير طارق ٽالپر، نور احمد ڀرڳڙي، سيد ذوالفقار علي شاھ، ھريرام ڪشوري لال ۽  پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.