گل حسن ڪلمتي، اي اين جي عباسي،شاهده قاضي،الهورايو بهڻ کي ڀيٽا

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نامياري محقق توڙي ليکاري گل حسن ڪلمتي، پاڻي ماهر اي اين جي عباسي، صحافي شاهده قاضي ۽  الهورايو بهڻ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي. ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ دانشورن، اديبن، سياستدانن ۽ تجزئي نگارن پنهنجا ويچاري ونڊيندي سندن عظيم خدمتن کي مڃتاء طور ڀيٽا پيش ڪئي.ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ سماجي تنظيم هينڊز پاران پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مهتاب اڪبر راشدي، قيصر بنگالي، ڊاڪٽر تنوير ۽ ذوالفقار هاليپوٽو سوڌو ٻين سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ خطاب ڪندي ڪريم شيرازي چيو ته الهورايو بهڻ انگريز دور ۾ حر قيدين جي جيل ۾ جنم ورتو هو، هُن سدائين سنڌ جي مسئلن کي اجاڳر ڪيو ۽ آواز اٿارڻ ۾ اڳرو رهيو. جڏهن ته صحافي شجاع قريشي چيو ته شاهده قاضي پاڪستان جي پهرين گريجوئيٽ عورت صحافي هئي، هُن پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ سدائين مظلومن جو آواز اٿاريو، هوءَ ڪيترين ئي عورتن لاءِ اُتساهه بڻجي وئي هئي.پروگرام ۾ ويچار ونڊيندي پروفيسر سليم ميمڻ نامياري محقق ۽ ليکاري گل حسن ڪلمتي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته گل حسن ڪلمتي سماجي ورڪر هجڻ سان گڏ پنهنجي دور ۾ فلمن ۽ سيمينا تي به ڪم ڪيو، اُن حوالي سان هُن هڪ ڪتاب پڻ لکيو هو. گل حسن ڪلمتي سدائين ڪراچي جي قديمي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مسئلن تي ڳالهايو ۽ صحافتي پليٽ فارم تي بنيادي مسئلن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو.تقريب کي خطاب ڪندي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته اي اين جي عباسي سنڌ جي پاڻي واري مسئلي تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، اي اين جي عباسي مختلف عهدن تي رهيو، پر پاڻي جي ورڇ بابت هُن جيڪو ڪم ڪيو آهي، اُن کي ڪير به چئلينج نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته اي اين جي عباسي، شاهدو قاضي، الهورايو بهڻ ۽ گُل حسن ملڪتي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ غيرمعمولي ڪم ڪري ڏيکاريا، پر حڪومت يا اسان مان ڪنهن به کين ياد نه رکيو آهي. سنڌ ۾ اهڙين عظيم شخصيتن جي نالن سان نه اسڪول آهي، نه ڪاليج ۽ نه وري روڊ ٺهرايو ويو. اسان کي پنهنجي هيروز کي سدائين ياد رکڻ گهرجي.ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پروگرام دوران اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام قادر ٿيٻو، سرور جمالي، انيس دانش، انعم لغاري ۽ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.