قاسم سوريءَ سميت صدر علوي ۽ عمران خلاف به شق 6 تحت ڪارروائي ٿيندي !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوريءَ خلاف آئين جي شق 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ جا امڪان نظر اچي رهيا آهن.
نامياري صحافي قيوم صديقيءَ سان ڳالهائيندي نامياري صحافي مطيع الله جان جو چوڻ هو ته اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوريءَ بي اعتمادي رٿ کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي رولنگ ڏني هئي،جنهن بعد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي چوڻ تي صدر عارف علوي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو هو، ان ڪري قاسم سوريءَ خلاف ڪارروائي ٿي ته پوءِ صدر عارف علويءَ ۽ عمران خان خلاف به آئين جي شق 6 تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
نامياري صحافي ناصر اقبال جو چوڻ آهي ته قاسم سوريءَ عدالت مان اسٽي حاصل ڪري 4 سال جيڪي پگهارون ۽ مراعتون حاصل ڪيون آهن، اهي به کيس واپس ڪرڻيون پونديون ۽ 4 سالن دوران سندس سمورن قدمن جو جائزو وٺي انهن کي به غير آئيني۽ غير قانوني قرار ڏنو ويندو. ان ڪري قاسم سوريءَ جي نااهلي جو ڪيس انتهائي اهم آهي، آئين جي شق 6 جو مطلب ته غداريءَ جو ڪيس هلندو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 24 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.