سائفر ۾ سازش ۽ ڌمڪي جو ڪو ذڪر ناهي: اڳوڻو سفير

اسلام آباد(م ڊ) اسپيشل آفيشل سيڪريٽس  ايڪٽ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف ريفرنس جي شاهد اسد مجيد جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو. اڊيالا جيل ۾ سائيفر ڪيس جي ٻڌڻي آمريڪا ۾ اڳوڻي سفير اسد مجيد سميت 6 وڌيڪ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا.  اڳوڻي سفير اسد مجيد چيو ته 7 مارچ تي پاڪستاني مشن اسسٽنٽ سيڪريٽري سائوٿ ايشيا ڊونلڊ لو سان ملاقات ڪئي، جنهن جو خط پرڏيهي وزارت ڏانهن موڪليو ويو. اسد مجيد جي بيان دوران پي ٽي آءِ باني چيو ته اسد مجيد جيڪو چئي رهيو آهي اهو صحيح آهي. ان موقعي تي عمران خان وري ڳالهايو ۽ چيو ته سيفرن ۾ ڪا به سازش يا خطري جو ذڪر ناهي، جڏهن ڊونلڊ وزيراعظم کي هٽائڻ جو چيو ته بي اعتمادي هئي، سازش ڪيئن نه ٿي؟ بيان جاري ڪندي اسد مجيد جو چوڻ هو ته سيفرن کي سازش قرار ڏيڻ پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن لاءِ هڪ ڌڪ آهي، 25 مارچ تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ مون کي به دعوت ڏني وئي هئي، ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.