ڪراچي مان 13 قومي ۽ 28 صوبائي سيٽون کٽينداسين: سعيد غني

ڪراچي  (رپورٽر) پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڪراچي مان   قومي اسيمبلي جون 13 ۽ صوبائي  اسيمبلي جون 28 سيٽون کٽڻ جي دعوي ڪري ڇڏي، خاص ڳالهه ٻولهه سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ وٺڻ واري پوزيشن ناهي، جتي ايم ڪيو ايم 70 هزار ووٽ ورتا، اهي هاڻي 10 هزار تي ا چي ويا، هن چيوته ڪراچي  جي ماڻهن جو اسان تي اعتماد وڌي ويو آهي، بلدياتي اليڪشن هجي يا ننڍي چونڊ، پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته اسان جي 5 کان 6 سالن ڪارڪردگي تي اسان کي ماڻهو ووٽ ڏيندا، ڪراچي ۾ پاڻي جو منصوبو اسان مڪمل ڪنداسين، پي ٽي آءِ جو  ووٽ بينڪ آهي، پر 2018ع وارو نتيجو ممڪن ناهي، سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي  جي مضبوط هجڻ جي نشاني  اها آهي ته سڀ مخالف گڏ ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.