ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي ابوالحسن اصفھاني روڊ تي 2 نامعلوم ھٿياربندن دڪان تي انڌ ڌند فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ مذهبي جماعت اھلسنت والجماعت جا 2 ماڻھو قتل ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، مبينا ٽائون ٿاڻي جي حد ابوالحسن اصفھاني روڊ تي واقع کير جي دڪان تي سومر ۽ آڱاري جي وچ واري رات جو دير سان 2 موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن انڌ ڌند فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ دڪان جي مالڪ جو ڀاءُ 40 سالن جو عبدالباري ولد امين ٿڏي تي دم ڏنو، جڏهن ته واقعي ۾ زخمي ٿيل چئن ماڻھن مان ھڪ ايوب ولد شھزادھ جناح اسپتال ۾ ڌم ڏنو ، جڏهن ته زخمين ۾ فرحان علي ولد قربان علي ۽ عطاءُ الله ولد حفيظ الرحمن شامل آهن، مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناھي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، پوليس موجب واقعو شروعاتي طور تي ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي ٿو، واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم جا 12 خول مليا آهن، جوابدارن جي واردات جو طريقو سعود آباد، واٽر پمپ ۽ نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جھڙو آهي ٽنھي وارداتن ۾ خول به ميچ ڪيا ويا آهن، ممڪن طور تي ھي اھو ئي گروپ ٿي سگھي ٿو.