لاهور (م ڊ) پي ڊي ايم اي مري گلگيات ۽ ڀرپاسي ۾ هلندڙ هفتي موسم جي صورتحال جي حوالي سان ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي آهي، پي ڊي ايم جي ترجمان ان حوالي سان ٻڌايو ته مري گلگيات ۽ ڀرپاسي ۾ هلدڙ هفتي ۾ موسم سخت سرد ۽ خشڪ رهندو، مري جي ڀرپاسي ۾ خميس کان آچر جي ڏينهن تائين موسم خشڪ ۽ سرد هجڻ سان گڏ برسات ۽ برباري جو امڪان آهي، .
-
سمورا ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن: محمد احمد شاهه
ڪراچي( رپورٽر ) سنڌ جي سڌ سماءِ ۽ اقليتي معاملن واري نگران وزير محمد احمد شاهه جي صدارت هيٺ غير مسلم ويلفيئ ڪميٽي بابت آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ آگاھ ڪيو ويو ته مالي سال 2022-23 جي 165 ترقياتي اسڪيمن مان 88 اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 26 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن ۽ 71 ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جاري آهي، جن کي هلندڙ مالي سال دوران مڪمل ڪيو ويندو، نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي لاڳاپيل آفيسرن لاءِ واٽس ايپ گروپ ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورا ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، ساڌ ٻيلي لاءِ مخصوص ڪيل بجيٽ شيو مندر مياڻي روڊ سکر ۽ گوبند سنگهه مهاراج گردوار سکر جي مرمت لاءِ استعمال ڪئي ويندي، اقليتن لاءِ سنڌ حڪومت جي گرانٽ ان ايڊ جي رقم ھڪ ھزار ملين رپيا آهي.