رستم شهر ۾ ناري بندوق جا فائر ڪري قتل، مڙس گرفتار

چڪ/ لکي غلام شاهه(رپورٽ: نواب الدين مھر/ نديم جان مهر) رستم شهر  ۾ مبينا طور نوجوان ناري کي گهر اندر بندوق جو فائر ڪري قتل ڪيو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد الزام هيٺ مڙس کي گرفتار ڪري ورتو، رستم شهر ۾ مبينا طور تي مهر پاڙي ۾ نوجوان ناري اقصيٰ  زال عيدن مهر بندوق جا فائر ڪري قتل ڪئي وئي، رستم پوليس پهچي ناريءَ جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس ڪارروائي ڪري  قتل ٿي ويل ناري اقصيٰ مهر جي مڙس عيدن مهر کي گرفتار ڪري ورتو ، گرفتار مڙس جو چوڻ آهي ته رات دير سان چور چوريءَ بهاني گهر ۾ داخل ٿيا جنهن بعد فائر جو آواز آيو ٻاهر نڪتس ته زال کي بندوق لڳل هئي ۽ هوءَ مارجي وئي، رستم پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي اهڙو ڪوبه نشان ناهي مليو جنهن مان ثابت ٿي ته ناريءَ  اقصيٰ کي چورن قتل ڪيو هجي، ناريءَ جو رت ڪمري مان مليو، شڪ آهي ته ناريءَ کي گهرو اڻبڻت يا ڪارنهن جي الزام هيٺ مڙس عيدن کيس قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا،ٻئي پاسي ناري اقصيٰ مهر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتولا عورت مسمات اقصيٰ مهر جي ڀاءُ عبدالوهاب پٽ مهراب مهر ۽ مامي اعجاز احمد مھر الزام هنيو ته مسمات اقصيٰ مهر کي مڙس عيدن مهر گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي ۽ مري وڃڻ بعد بندوق جو فائر ڪري ڊرامو رچايو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري سندس زال کي قتل ڪيو آهي پر حقيقت ائين ناهي واقعي واري هنڌ رت وغيره نه آهي، عورت جي ڳل تي گهٽا ڏنل آهن جنهن مان ظاهر آهي ته عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي هنن ايس ايس پي شڪارپور کان نوٽيس وٺي انصاف ڏياري وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.