اسلام آباد (م ڊ) سينئر سياستدان فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري کان سواءِ حڪومت هلائڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو. ميدان ۾ هاڻ 2 پارٽيون آهن. پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ هاڻ انهن ٻنهي پارٽين جي ئي گيم آهي. پي ٽي آءِ ته چونڊن کان ئي ٻاهر نڪري وئي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن الله جي طرفان معجزو ٿيندو ته ايندڙ حڪومت 2 سال هلندي ٻي صورت ۾ يارنهن کان 12 مهينا رهندي. حڪومت 11 مهينن تائين هلي ته پي ڊي ايم ٽو نه بڻجندي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) گڏ نه ويهنديون. کٽيندڙ ۽ آزاد ميمبر ئي حڪومت جو فيصلو ڪندا. آءِ پي پي جو به ڪردار اهم نظر اچي رهيو آهي. آزاد اميدوارن کي ٽوڙڻ جي ضرورت نه پوندي. اهي هوا جو رخ ڏسي فيصلو ڪندا. اڳوڻي اسيمبلي ميمبر چيو ته (ن) ليگ جون سيٽون 100 کان به گهٽ هونديون. هن چيو ته اسحاق ڊار جهڙن ماڻهن کي آندو ويو ته اهي ڪهڙي صورتحال صحيح ڪندا؟ پ پ ۽(ن) ليگ جيڪا تباهي ڪئي ان جا ذميوار اهي پاڻ آهن ڇا هاڻ اهي صورتحال بهتر ڪندا.؟ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي جن ججن استعيفائون ڏنيون آهن انهن جي ڪرپشن جا فائيل آهن.